ٺٽو

ٺٽو: پوليس پاران چور معشوق ملاح کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

ايس ايڇ او ٺٽو اميربخش کوسو گشت دوران گذريل رات دير سان ٺٽي شھر جي پوسٽ آفيس ڀرسان پان مانڊڻي جا تالا کولي چوري ڪندڙ گجو جي رھواسي ھڪ چور معشوق ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ايس ايڇ او ٺٽو اميربخش کوسو موجب پڪڙيل چور وٽان تالا کولڻ جي ماسٽر چاٻي ملي آھي، جنھن جي مدد سان ھو پوسٽ آفيس ٺٽو وٽان ڪئبين جا تالا کوليندي کيس گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن کان جانچ ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تہ اھڙن ڏوھارين جا وڏا ٽولا آھن، سمورن ڏوھارين کي پڪري قانون حوالي ڪرڻ سميت پڪڙيل ڏوھاري مٿان پڻ ڪيس داخل ڪيو ويندو.ٺٽو، ھوڏانھن ايس ايڇ او ٺٽو اميربخش کوسو پنھنجي عملي سان بخاري محلي ٺٽي ۾ درو ڀٽ جي ھيروئن جي اڏي تي ڪامياب ڇاپو ھڻي منشيات فروش درو ڀٽ جي پٽ منشيات فروش راجا ڀٽ گرفتار ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button