ٺٽو

ٺٽو: پوليس جو ڇاپو، ٽرڪ مان گٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ھٿيڪو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ايس ايڇ او ٺٽو اميربخش کوسو ۽ سي آء اي ٺٽو جي انچارج عبدالمومن شيخ پنھنجي عملي سان گڏ ٺٽو فش ھچري چليا وٽ ھڪ ٽرڪ تي ڇاپو ھڻي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ٽرڪ مان گٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيرل 3250 ڪلو ڪاٿو، 2670 ڪلو چورو سوپاري سميت گٽڪي م استعمال ٿيندڙ ٽوٽل سامان 5990 ڪلو ھٿ ڪري ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، جڏھن تہ ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ کي ڇڏي فرار ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي تہ گٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان بلوچستان کان ٽرڪ وسيلي اندو ويو ھو، جنھن ۾ مٿان کان بسي جون ٻوريون لڳايون ويون ھيون جيئن پوليس کي خبر نہ پوي پر پوليس ڪاروائي ڪندي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سموري سامان کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي جانچ جاري ڪري ڇڏي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button