ٺٽو: ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي ويڊيو ٺاھي بليڪ ميل ڪندڙ گروھ گرفتار

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار

زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار

ٺٽي ۽ مڪلي تي اوباش قسم جي ڇوڪرن جي هڪ گروه پاران ننڍن ڇوڪرن کي بليڪ ميل ڪري ساڻن زيادتي ڪرڻ ۽ سندن وڍيوز رڪارڊ ڪري وائرل ڪرڻ جو انڪشاف، ٺٽو ۽ مڪلي پوليس ڪارروايون ڪندي ٽن ڇوڪرن شهباز سمون، سڪندر هالو ۽ شهزاد سوهو کي گرفتار ڪري سندن موبائيلون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون جاچ دوران اهم وڊيوز برآمد ڪري ورتا، ٽولي ۾ ٻيا بااثر ڇوڪرا پڻ ملوث هجڻ جو امڪان. هڪ نينگر ابراهيم عرف وڪي سان ڪجهه ڏينهن اڳ جنسي زيادتي ڪرڻ بعد ڄاڻايل ڇوڪرن پاران سندس ڀريل وڍيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي کانئس پئسن جي گُهر ڪئي ويئي، پئسا نه ڏيڻ تي ڇوڪري سان ڪيل زيادتي واري وڍيو وائرل ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ زيادتي جو شڪار ٿيل ابراھيم عرف وڪي چيو تہ مونکي سالگراھ ملهائڻ جي بھاني تي پاڙي جا ڇوڪرا مڪلي تي وٺي ويا، جتي نشي آور دوا پيارڻ بعد ٻين ڇوڪرن جي مدد سان مون سان زيادتي ڪئي ۽ ويڊيو ڀري ويئي، پئسا نه ڏيڻ تي ڇوڪرن منهنجي وڊيو وائرل ڪري مونکي بدنام ڪيو آهي، ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close