ٺٽو

ٺٽو: ٺٽي جي ساحلي پٽي جي رھواسين جو مقامي بااثر ماڻھن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ٺٽي جي ساحلي پٽي جي رھواسين جو مقامي بااثر ماڻھن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو، سندن عزتون بہ محفوظ رھي ناھن سگھيون، زبردستي کين پنھنجي ئي گھرن مان بيدخل ڪري ڇڏيو، متاثرين جون مڪلي تي صحافين اڳيان دانھون، انصاف ۽ تحفظ جومطالبو. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي ساحلي پٽي جي شھر ٻاٻيھو جي ڳوٺ صالح محمد ملاح جي رھواسي معذور پورھيت محمد ايوب ڇڇائي ملاح مڪلي تي صحافين اڳيان بااثر ماڻھن جي زيادتين خلاف دانھيندي الزام ھنيو آھي تہ ڪجھ مھينا اڳ ٻگھاڻ جي ڳوٺ خير شاھ جي رھواسي بااثر محمد ولد واٽو باديڻو رات جي انڌيري ۾ سندس گھر ۾ داخل ٿيو، جنھن کي پڪڙي ٻگھاڻ پوليس حوالي ڪيو، ھن چيو تہ ھاڻي سندن عزتون بہ محفوظ ناھن رھيو، پر پوليس ان خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء ان کي ڇڏي ڏنو، جنھن بعد مذڪوره ماڻھو پنھنجي ساٿين سميت سندن جيئڻ جنجال بنائي کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي، جنھن کانپوء ٻگھاڻ ٿاڻي تي محمد باديڻو، محمد الرحيم، حسين باديڻو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي، پر پوليس ڪنھن کي بہ گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي. محمد ايوب ڇڇائي ملاح چيو تہ ڪيس ۾ نامينيٽ محمدالرحيم ۽ حسين ضمانيون ڪرائي ورتيون آھن، پر اسان محمد باديڻو جي ضمانت رد ڪرائي آھي، جيڪو روپوش ھجڻ باوجود حد جي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن جي ظلم کان تنگ ٿي اسان پنھنجا گھر ڇڏي ٻئي ھنڌ وڃي پناھ ورتي آھي، جتي پڻ مذڪوره بااثر ڏوھاري اسانجو جيئڻ جنجال بنائي اسانکي قتل ڪرڻ چاھي ٿو، جن مان کين جاني مالي نقصان جو خطرو آھي. ھن چيو تہ حد جي پوليس بہ ڏوھاري بااثر ماڻھن جي ڌر بڻيل آھي، جن مان کين انصاف جي اميد ناھي. ھنن وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري ساڻن ناانصافيون ڪندڙ محمد باديڻو کي گرفتار ڪري ضمانتون ڪرائيندڙ محمد الرحيم ۽ حسين باديڻو جون ضمانتون رد ڪرائي کين گرفتار ڪري سخت سزائون ڏيارڻ سميت کين دربدري کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button