ٺٽو: سنڌ ۾ بجلي ناھي، آنلائن ڪلاس ڪيئن ھلندا، خانگي اسڪولن جي مالڪن اسلام آباد ۾ ميڙاڪي جو اعلان

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ملڪ جي خانگي اسڪولن جي مالڪن اسڪولن کي هلائڻ لاء لائه عمل جوڙڻ خاطر 20 جولاء تي اسلام آباد ۾ اهم ميڙاڪو سڏائڻ جو اعلان ڪيو آھي ان سلسلي ۾ آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسئيشن ۽ پرائيويٽ اسڪولز ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين پرويز هارون جي صدارت هيٺ مڪلي تي اهم اجلاس ۾ اھڙو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي خانگي اسڪولن جي مالڪن ۽ انتظامي سربراهن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ڪرونا جي خدشي سبب ڊگهي عرصي تائين اسڪول بند رکڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ان موقعي تي مقررين چيو تہ سنڌ ۾ سڀ کان پهرين اسڪول بند ڪيا ويا، جنهن کانپوء پاڪستان جا سڀ اسڪول بند رکيا ويا 4 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين اسڪول بند رهڻ ڪري هڪ طرف تعليم جو نقصان ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف هڪ سازش تحت طبقاتي تعليم کي هٿي وٺرائي غريب عوام جي ٻارڙن کي تعليم جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي مختلف آپشنز ڏنا ۽ 15 آگسٽ تائين اسڪول ايس او پي تحت کولڻ جي تجويز ڏني پر معاملو 15 سيپٽمبر تائين هليو ويو آهي مسلسل اسڪول بند رکڻ ٻارڙن جي تعليم سان دشمني آهي، آن لائين ڪلاسز هلائڻ صرف ڊراميبازي آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ اندر هڪ طرف بجلي ناهي ته ٻئي طرف غريب ٻارڙا جديد سهولتن کان محروم آهن، اهڙي صورتحال ۾ آن لائين ڪلاسز هلائڻ ممڪن ئي نه آهي چيئرمين پرويز هارون خطاب ڪندي چيو تہ هڪ طرف وفاقي سرڪار نوڪرين جي ڳالهه ڪري ٿي ته ٻئي طرف ملڪ اندر خانگي اسڪولن ۾ تعليم ڏيندڙ 20 لک استادن جو روزگار داء تي لڳل آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي ھن چيو تہ 20 جولاء تي ملڪ جي خانگي اسڪولن جا مالڪ ۽ انتظامي اڳواڻ اسلام آباد ۾ گڏ ٿي خانگي اسڪولن جي مستقبل بابت پنهنجو لائہ عمل جوڙي فيصلو ڪندا ھن چيو تہ وري به سرڪار کي گهرجي ته فوري طور سمورا اسڪول کولڻ جو پاڻمرادو اعلان ڪري مڪلي تي آل پرائيويٽ اسڪولز ايسوسئيشن جي مرڪزي اڳواڻن ڪوچيئرمين محمد انور، جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان، انور علي ڀَٽي، آصف قريشي، شجاعت الله خان ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close