ٺٽو

ٺٽو: جماعت اسلامي جي گڏجاڻي، نوجوان پارٽي ۾ شامل

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

JI meeting in Thatta
هومين رائٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊر آرگنازريشن ٺٽو جي اڳواڻ اشرف چنڊ سميت ٺٽي شھر جي وارڊ نمبر 2 ۽ 3 جي 65 نوجوانن پاران جماعت اسلامي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي

جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي طرفان نور فائونڊيشن اسڪول ٺٽو ۾ ھڪ اھم گڏجاڻي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ عبدالله آدم گندرو جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ جماعت اسلامي صوبہ سنڌ جي نائب امير حافظ نصراللہ چنا، رياض جيلاني، الطاف احمد ملاح، ايدوڪيٽ عبدالمجيد سمون، حميد شورو سميت ٺٽو ۽ مڪلي جي نوجوانن سميت تنطيم جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هومين رائٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊر آرگنازريشن ٺٽو جي اڳواڻ اشرف چنڊ سميت ٺٽي شھر جي وارڊ نمبر 2 ۽ 3 جي 65 نوجوانن پاران جماعت اسلامي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اشرف چنڊ ۽ ٻين چيو ته جماعت اسلامي اھا واحد سياسي ۽ مذھبي جماعت آھي، جيڪا هر مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمتن ۾ رضاڪاراڻہ طور خدمتون سرانجام ڏيئي پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي. جماعت اسلامي جي لازوال عوامي ڀلائي ۽ خدمتن واري ڪم مان اسان بہ متاثر ٿي جماعت اسلامي جي سٿ ۾ شامل ٿيا آھيون ۽ ان ئي پليٽ فارم تان مذھبي توڙي سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ ٺٽي جي مظلوم ماڻھن جي رضاڪاراڻہ خدمت واري ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھنداسين. گڏجاڻي ۾ جماعت اسلامي صوبہ سنڌ جي نائب امير حافظ نصراللہ چنا، عبداللہ آدم گندرو، رياض جيلاني، الطاف احمد ملاح ۽ بين شموليت ڪندڙ نوجوانن جو ٿورو مڃيندي چيو تہ اسانجي جماعت جا دروازا عوام جي ڀلائي ۽ خدمت لاء ھر وقت کليل آھن ، جماعت پاران عوام جي بنا فرق جي ھميشہ خدمت ڪندا رھنداسين. آخر ۾ شموليت ڪندڙ سمورن نوجوان کي حافظ نصراللہ چنہ پاران حلف کڻايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button