ٺٽو

ٺٽو: جسقم ڪارڪنن قومپرست سياست کي خدا حافظ چئي ڇڏيو ، مرڻ جيئن پاڪستان سان آھي، اسان کي غلط استعمال ڪيو ويو، ھاشم خان

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

JSQM members leaving party
ٺٽو: جسقم ڪارڪن پارٽي کي ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا

سجاول جي قومپرست ڪارڪنن پاران جسقم کي ڇڏي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جسقم پورھيت سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ غلام حسين سنڌي، جسقم سجاول جي اڳواڻ ھاشم خان، پاڳارو حنيف شاھ پنھنجي 40 کان مٿي ساٿين سميت قومپرست جماعت کي ڇڏي قومي ڌارا ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، مڪلي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومپرست تنظيم جي ڪارڪنن قومپرست سياست کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو تہ اسان قومپرستن تنظيمن سان پنھنجو اجايو وقت وڃايو، جن اسانکي غلط استعمال ڪيو. پر ھاڻي اسانجو جيئڻ مرڻ پنھنجي پياري ملڪ پاڪستان سان آھي. ھنن پاڪستان جا جھنڊا کڻي پاڪستان زندہ آباد، پاڪ فوج زندہ آباد جا نعرا ھڻندي قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button