ٺٽو

ٺٽو: احساس ڪفالت سينٽر بند، پوليس پئسا ڪٽيندڙن سان مبينا طور مليل ھئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
پوليس جا ڀتا خوري جا راز کلڻ بعد پوليس گهارو ۾ احساس ڪفالت سينٽر بند ڪرائي ڇڏيو، مستحقم عورتن پريشان، احساس ڪفالت سينٽر بند ٿيڻ ڪري پوليس جي ڏهاڙي بند ٿي ويئي، سينٽر بند ٿيڻ جي ڪاوڙ گهارو پوليس شهر جي ننڍن توڙي وڏن ڪاروبارين مان ڪڍڻ لڳي لاڪ ڊائون ٽائيم 7 هئڻ باجود پوليس 6 بجي شهر بند ڪرائڻ لاءِ شهرين کي تنگ ڪرڻ لڳي ،ايڊيشنل ايس ايڇ او گهارو پاران گهارو جي صحافي جاويد احمد عباسي سان ڪيل بدتميزي تي ايس ايس پي ٺٽو به خاموش ويٺل، صحافين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل. پيرائتي خبر موجب: گهارو شهر ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي پوليس جي ملي ڀڳت سان هلندڙ ڪٽوتي جا راز کلڻ تي پوليس گهارو شهر ۾ احساس ڪفالت سينٽر بند ڪرائي ڇڏيو سينٽر بند ٿيڻ ڪري پري پري کان آيل مستحقم عورتن سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويون جڏهن ته پوليس ته گهارو پوليس ڪرپشن جا راز لڪائڻ لاءِ سينٽر بند ٿيڻ جي باهه ۾ هاڻ شهرين کي پريشان ڪرڻ ۾ اصافو ڪري ڇڏيو گهارو پوليس لاڪ ڊائون جو ٽائيم شام 7 هئڻ بعد به 6 بجي پهچي شهر بند ڪرائڻ لڳي آهي جنهن سبب وڏا توڙي ننڍا ڪاروبار پوليس جي اهڙي عمل تي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٻئي طرف احساس ڪفالت سينٽر گهارو تي پوليس جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڪٽوتي تي حق سچ جو آواز اٿارڻ لاءِ پهتل گهارو جي صحافي جاويد احمد عباسي سان ايڊيشنل ايڇ او گهارو پاران ڪيل بدتميزي جو ايس ايس پي ٺٽو ڪو به نوٽيس وٺڻ جي زحمت نه ڪئي جنهن سبب ضلعي ٺٽي جي صحافي برادري ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، صحافي جاويد احمد عباسي سان بدتميزي ڪندڙ ايڊيشنل ايس ايڇ او گهارو غلام مصطفي عطار کي هٽائي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button