ٺٽو

ٺٽو: آپڪا ضلعي طرفان ملازم دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
آپڪا ضلعي طرفان وفاقي حڪومت طرفان ملازم دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو پبلڪ پارڪ کان پريس ڪلب مڪلي تائين آپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر احمد نواز پٺاڻ، راجو قريشي، سجاد سمون، جھانگير ميمڻ، مسرور خشڪ، تاج حسين بروھي، عطا محمد بروھي، گل محمد جھرڪو، حنيف چنڊ، عطا جانوري، محمد بخش مانجھد جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪندي آپڪا اڳواڻن چيو تہ وفاقي حڪومت نئي مالي سال واري پيش ڪيل بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو نہ ڪري ملازمن سان وڏي ناانصافي ڪئي ويئي آھي، جنھن بجيٽ کي اسان رد ڪريون ٿا، ھنن چيو تہ ھڪ طرف ملازمن جي پگھارن مان مختلف مدن ۾ ڪٽوتي سميت ھاڻي پروفيشنل ٽيڪس لڳائي ويتر ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو رويو اختيار ڪيو ويو آھي، ھنن چيو تہ ھيڏي ساري مھنگائي واري دور ۾ جتي تيل جون قيمتون بہ ھٿ وٺي وڌائي اھو بار بہ ملازمن تي وڌو ويو آھي. جيڪا ملازمن سان وڏي زيادتي آھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن وفاقي حڪومت پاران ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ تيل جون قينتون گھٽائي ھن ڪرونا وبا ۾ سرڪاري ملازمن کي رليف مھيا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جائز مسئلن جي حل تائين سندن احتجاج جاري رھندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button