ٺٽو

ٺٽو:جنسي ڏاڍائي معامرو، پوليس وڌيڪ ٽي ملزم گرفتار ڪرڻ لاءِ سرگرم

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ڇوڪرن سان بدفعلي ڪري سندن وڍيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪرڻ وارو مامرو. ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي حاصل ڪري ورتي، گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي سندن ٽن ساٿين جي گرفتارين لاء ڇاپا. ٺٽي جي عدالت رمانڊ پوري ٿيڻ تي گرفتار ٽن جوابدار اوباش ڇوڪرن شهزاد سوهو، شهباز سمون ۽ سڪندر هالو کي جيل اُماڻي ڇڏيو. ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، بدفعلي ڪري ڇوڪرن کي بليڪ ميل ڪندڙ گروه جي وڌيڪ ٽن جوابدارن جو پتو لڳائيندي پوليس رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. علواڻي ٽرسٽ پاران مقرر ڪيل وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي رھيل جوابدارن جي گرفتار نہ ٿيڻ جي نشاندھي ڪئي، مڪلي پوليس موجب گرفتار ٽنھي جوابدارن جا وڌيڪ ٽيئي ساٿي اظهر هالو، جاويد هالو ۽ آڪاش هالو ڪيس ۾ اهم ڪردار آهن، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، عدالت پاران جاچ دوران ظاهر ٿيل ٽنهي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم. مڪلي ۽ ٺٽو پوليس پاران اوباش ٽن جوابدارن جي گرفتارين لاء مختلف هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين رھيل جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ اچي ناھي سگھي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button