آرٽيڪل

ننڍن آبادگان لاءِ هٿرادو پيل ٿيل پاڻي کوٽ!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

Advocate Ubaidullah Chhajanپاڻي انسان توڙي هر چرند پرند ۽ جانور لاءِ زنده رهڻ جي بنيادي گهرج آهي، جيڪڏهن انهن لاءِ پاڻي جي سهولت موجود نه هجي ته هر انسان، جانور ۽ جيوت زنده به نه رهي سگهي، هڪڙي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر هر سال هن گرميءَ جي موسم ۾ الائي ڇو اهڙا معاملا پيدا ڪري عوام کان جيئن جو حق به کسيو ويندو آهي، جيئن هن وقت پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڻي جي شديد کوٽ جي خلاف شهري توڙي آبادگار نٽهڻ اس ۾ ٻاهر روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن. پوري سنڌ مان پاڻي کوٽ خلاف نعرا گونجي رهيا آهن، هن وقت مجموعي طور تي ڏسجي ته سنڌ جي لاڙ وارن علائقن ۾ وقت سر پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگار پاران سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي، بدين ضلعو هونئن به گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي کوٽ جي ڪري سخت متاثر آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ضلعي اندر جتي سياسي گرما گرمي عروج تي هوندي آهي، اتي وري مختلف گروپن طرفان پنهنجا نوازڻ توڙي جو سياسي پلاند بازي به چوٽ چڙهيل آهي، هن وقت سياسي مخالفت ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جو اتحادي جي ڊي اي آمهون سامهون آهن، سياسي ڀوتار ڀلي پنهجون روايتون جاري رکن، ڇوته اها انهن جي مجبوري به چئي سگهجي ٿي پر سڄي سال جو گذر سفر ڪندڙ انهن مسڪين آبادگارن جو خبر ناهي ته ڪهڙو ڏوهه آهي جو انهن جي ٻچن جو پيٽ سفر جيڪو سالياني فصل تي ٿئي ٿو، تنهن کي هن وقت فصلن جي پوکائي لاءِ پاڻي نٿو پهچايو وڃي، مون کي ياد ٿو اچي ته گذريل سال به بدين ضلعي واسين پاڻي جي کوٽ خلاف ائين ئي ڀوڳيو هو، جيئن اڄ هو روڊن تي سراپا احتجاج آهن.

بدين ۾ پاڻي کوٽ سبب ضلعي بچايو تحريڪ طرفان هڪ وڏي ريلي راڄوخاناڻي کان تلهار تائين ڪڍي وئي، جيڪا ريلي سورنهن ڪلوميٽر تائين هن شديد گرمي ۾ پيادل مارچ ڪري جڏهن تلهار ۾ پهتي ته جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، جتي ضلعي بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجي احتجاجي خطاب ۾ دانهيو ته بدين ضلعي جي سلطاني شاخ، نصير واهه، ڦليلي ڪئنال سميت ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن ۾ هن وقت تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري ساريالو ٻيجارو ۽ ٻيا فصل سڙي تباهه ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان مسڪين آبادگارن جو گذر سفر هن سالياني فصل تي هوندو آهي، جيڪو وقت سر نه پوکيو ويو ته يقينن اسان جو ڪروڙين رپين جو نقصان ۽ معاشي قتل ٿيندو، جيتوڻيڪ آبادگارن سيڊا ۽ آبپاشي عملدارن مٿان الزام هنيو ته ڄاڻي واڻي اسان جو هٿ وٺي نقصان ڪرايو پيو وڃي، جنهن خلاف هو سخت احتجاج طرف به وڃي سگهن ٿا، بدين کانپوءِ جيڪڏهن آئون چوهڙ جمالي، جاتي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن جو ذڪر ڪريان جتي جا رهواسي پاڻي لاءِ تڙپي احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن، پر افسوس ته صورتحال جو ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

آئون هتي هڪڙي ڳالهه ضرور ڪندس ته سياسي ڀوتار ڀلي هڪٻئي جي خلاف سرگرم هجن پر اڄ جو باشعور عوام چڱي ريت ڄاڻي چڪو آهي ته اهي ڪيترا ماڻهن سان سچا ۽ مخلص آهن، اهي سياستدان چاهي مخالف ڌر ۾ هجن يا حڪومت ۾، اڄ تائين انهن غريب مسڪين آبادگارن جو پاڻي وارو مسئلو به حل نه ڪرائي سگهيا آهن، باقي سندن سوين ۽ هزارين ايڪڙ زمينون سيراب آهن، جتي وقت سر پاڻي به پهچي ٿو ۽ فصل به لُڻيا وڃن ٿا، باقي ننڍا ۽ بيوس آبادگار ۽ هاري مزدور طبقو ڄڻ ته لاوارث آهي.

بدين ضلعو سنڌ جي پڇڙي وارن علائقن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، پر منڍ کان وٺي پڇڙي تائين پاڻي هوندي به ننڍن آبادگارن کي پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، هتي هڪڙي ٻي روايت به پراڻي وقت کان هلندي پئي اچي ته سرندي وارا زميندار پڇڙي جي غريب مسڪين آبادگارن جي پاڻي تي ڌاڙو ٿا هڻن، پئسا ڏئي پاڻي خريد ڪن ٿا، ايتري تائين جو هو پاڻي اسٽور ڪرائي ٿا ڇڏين ۽ غريب پڇڙي وارا آبادگار پاڻي جي آسري سڄو سڄو ڏينهن ۽ رات گذاري ٿا ڇڏين پر کين پاڻي نٿو ملي. اهڙي موقعي تي آبادگارن جي تنظيمن کي اڳيان وڌڻ گهرجي ۽ انهن مسڪين آبادگارن لاءِ چَپَ چورڻ گهرجن. بااثرن پاران غيرقانوني طور تي پاڻي چوري جو سلسلو روڪڻ گهرجي، آبپاشي کاتو ته سياست جي ور چڙهيل آهي، اهو ئي سبب آهي ته آبپاشي عملو سياسي اثر رسوخ جي ڪري مجبوري ڏيکاري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ متاثر عدالتن جو رُخ ٿا ڪن، جتان ئي آبادگارن کي انصاف جي اميد ملي ٿي.

جيڪڏهن سڄي سنڌ جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺجي ته نه رڳو بدين ۽ جاتي جا آبادگار پاڻي کوٽ جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن بلڪه ساڳي وقت نصيرآباد، جوهي، ٽنڊي باگي، غلام شاهه موري سميت اڪثر لاڙ جي علائقن ۾ آبادگار ڪوڏرون ۽ سُڪل ٻيجارو هٿن ۾ کڻي پنهنجو حق وٺڻ لاءِ روڊن تي نڪتل آهن، ان حوالي سان ميڊيا ۾ به روز رپورٽون اچي رهيون آهن، آبادگارن جي احتجاج کان هٽي ڪري جيڪڏهن آئون انهن شهرين جي احتجاج جو ذڪر ڪريان، جيڪي پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ سراپا احتجاج آهن، جن ۾ جيڪب آباد ضلعي جو سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ تعلقو ٺل، جتي جا شهري به ان بنيادي سهولت کان محرومي جي ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن، حالانڪه هي تعلقو جيڪو ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي جو تڪ به آهي، پر مسلسل شهرين جي احتجاج جي باوجود ڪنهن به چونڊيل نمائندي متاثرن جي سار ناهي لڌي، ان حوالي سان نه ئي وري ڪنهن وفاقي وزير جو ڪو بيان سامهون آيو آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ سياسي نمائندن جو رويو سواليا نشان بڻجي چڪو آهي ته ڇا اهي واقعي عوام جي خدمت لاءِ چونڊي ايوان ۾ موڪليا ويا هئا؟

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شهري پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ هٿن ۾ ٿانون کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن، حڪومت هڪ طرف ڪورونا وائرس بابت احتياطي تدبيرون ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف هٿ سان انهن لاءِ سماجي وٿي ختم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي، خبر ناهي ته آخر هنن چونڊيل نمائندن ۽ حڪمرانن کي آبادگارن ۽ بيوس عوام تي ڪڏهن رحم ايندو!؟

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button