ٺٽوفن ۽ فنڪار

مڪلي: سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ضلعي ٺٽي جو اجلاس پريس ڪلب ٿي گذريو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ضلعي ٺٽي جو اجلاس پريس ڪلب مڪلي ۾ ضلعي ٺٽي جي صدر علي اڪبر دلواڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ نور محمد ڀٽو، محمد اسماعيل پليجو، يعقوب ڪلھوڙو، عرس ناريجو، محمد عثمان ميربحر، عبدالرزاق ميربحر، سيد پيرمحمد شاھ، سائين بخش چانڊيو، محمد رمضان ميمڻ، رشيد راجہ، خميسو بروھي، منٺار سميت سمورن اڳواڻن ڪارڪنن، فنڪارن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي چيئرمين اي حميد ڀٽو جي سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي اڪبر دلواڻي، نور محمد ڀٽو، اسماعيل پليجو، يعقوب ڪلھوڙو، عرس ناريجو ۽ ٻين چيو تہ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي چيئرمين اي حميد ڀٽو جون محنتون ۽ ڪاوشون ساراھ جوڳيون آھن. جيڪو غريب، بي سھارا فنڪارن، اداڪارن جو ڀرجھلو ٿي سندن مالڪي ڪري رھيو آھي، اسان کيس سندس جنم ڏينھن تي مبارڪون ڏيندي اميد ٿا ظاھر ڪريون تہ ھو جلد بيمار فنڪارن، اداڪارن کي وظيفي سميت سندن سرڪاري خرچ تي علاج لاء ڪوششون وٺندا. جيئن انھن جو زندگيون بچي سگھن. ھنن تنظيم جي اڳواڻن تي زور ڀريو تہ ھو تنظيم کي مضبوط ڪري ميمبر سازي واري عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ سميت پاڻ ۾ ايڪو، ٻڌي قائم ڪري ھڪٻئي جي مدد سميت پاڻ ۾ سجاڳي پيدا ڪن. ان موقعي آيل فنڪارن فن جو مظاھرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button