ميرپوربٺورو: ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غائب، پٽيوالا يا چوڪيدار مريضن کي چيڪ ڪرڻ لڳا

وقار سنڌي، ميرپوربٺورو
ميرپوربٺورو سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ڊيوٽين تان غائب مريض پريشان دوائون غائب ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب بيمار عورتن کي مرد ڊاڪٽر چيڪ ڪرڻ لڳا تفصيل موجب تعلقي ميرپوربٺوري جي وڏي اسپتال تعلقه سول ھاسپيٽل ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ لڳي پئي آھي مارننگ شفٽ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب پري پري کان ايندڙ مريض پريشاني جو شڪار ٿي ويندا آھن ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب مريضن کي پٽيوالا يا چوڪيدار چيڪ ڪري پرچي لکي ڏيندا آھن ته دوائون وڃي اسٽور تان وٺ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آھي ٻئي طرف ميرپوربٺوري جي سياسي سماجي اڳواڻن آڪاش زئور ڏاڏا اسماعيل شورو حافظ طفيل کٽي عبدالقيوم ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته ميرپوربٺوري جي تعلقه اسپتال ۾ ڪروڙن جي بجٽ ايندي آھي مگر صرف ڪاغذن تائين محدود ھوندي آھي اسپتال ۾ نه جنريٽر آھي نه ڪا ايمبولينس نه ڪا ليڊي ڊاڪٽر آھي نه ڪو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آھي دوائون به مريضن کي ٻاھران وٺڻيون پون ٿيون مطلب ته اسپتال جي حالت زار آھي ان سلسلي ۾ ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر ڪانڌڙو ٻڌايو ته ايوننگ ۾ ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب مارننگ جي ڊاڪٽرن کي ايوننگ ۾ رکيو آھي ان ڪري ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي ذريعن موجب ھڪ ٻه ليڊي ڊاڪٽر مقرر آھي پر ڊيوٽي تي ڪونه اچن ٻئي طرف سياسي سماجي اڳواڻن موجب اسپتال کي جڏھن کان مرف جي حوالي ڪيو ويو آھي تڏھن کان ئي اڳوڻو سوجھرو چٽ ٿي ويو آھي ۔ انصاف جي اپيل ڪئي وئي آھي ۔

ھي تصوير ميرپوربٺورو تعلقي جي وڏي سرڪاري اسپتال تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو جي آهي ھن تصوير ۾ تاريخ ۽ وقت واضح نظر اچي رهيو آهي صبح جو لڳ ڀڳ ساڍي يارهين وڳي تعلقي اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جو روم بند نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته اسپتال ۾ مارننگ شفٽ ۾ فقط ٻه ڊاڪٽر موجود ھئا ۽ قھر جي گرمي ۾ رش سبب مريضن خاص طور تي عورت ۽ ٻارڙن جون دانهون پي پيون ٻئي طرف ايم ايس ڊاڪٽر عبدالقادر ڪانڌڙو جو چوڻ هو ته ايوننگ ۾ ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب مارننگ وارن ڊاڪٽرن جي ايوننگ ۾ ڊيوٽي لڳائي آهي ان ڪري مارننگ ۾ ڊاڪٽر گھٽ آهن، ٻئي طرف ذريعن موجب ھڪ ٻه ليڊي ڊاڪٽرن سميت ڪجهه ميل ڊاڪٽر پگهارون ته تعلقي اسپتال مان کڻي رھيا آھن پر ھوندا اڪثر غيرحاضر آهن، تعلقي واسين موجب جڏهن کان تعلقي اسپتال جو انتظام مرف اين جي او جي حوالي ٿيو آهي تڏهن کان اڳوڻو سوجھرو به چٽ ٿي ويو آهي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close