ميرپوربٺورو

ميرپوربٺورو شهر ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 ڪيس ظاهر

وقار سنڌي، ميرپوربٺورو
ميرپوربٺورو شهر ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 ڪيس ظاهر ٿيا آهن ان سلسلي ۾ ميرپوربٺورو شهر ۾ ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيل نوجوان اسد ميمڻ جي پيءُ زبير ميمڻ ۽ ڀاء عذير ميمڻ سميت سندن ٻن ويجھن مائٽن اسفند پٽ عبدالرزاق ميمڻ ۽ وقار ميمڻ جي ڪرونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ کين گھر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي ميرپوربٺورو شهر ۾ ٽن ڏينهن دوران 5 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي باوجود تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا پاران لاڪ ڊائون توڙي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون ويون آهن اھڙي صورتحال سبب ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو خدشو پئدا ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button