قبوسعيد: مسجد ٻاھران ڊاڪٽر جي موٽر سائيل چوري

شبير مگسي، قبوسعيدخان
قبوسعيد خان ۾ پي ايس ربي پل ٿاڻي جي حد ڪچي پل شھر ۾ ڏينهن ڏٺي جو مسجد ٻاهران بيٺل پرائيويٽ ڪلينڪ جي ڊاڪٽر ساجد کوسو جي موٽر سائيڪل چور ڪاهي ويا
تفصيل موجب قبوسعيد خان ڀرسان سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي تي سنڌ جي آخري شھر ڪچي پل ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ جي ڊاڪٽر ساجد علي کوسو جي چائنه موٽرسائڪل ماڊل 2015 ان وقت چور ڪاهي ويا جنهن وقت هو نماز ادا ڪرڻ لاءِ پنهجي موٽرسائيڪل مسجد ٻاهريان بيهاري ويو ته مسجد ٻاهريان تاڙ ۾ بيٺل نامعلوم چور موٽر سائيڪل جو تالو ڀڃي موٽرسائيڪل ڪاهي ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ،جنهن جي اطلاع بروقت ربي پل ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ مناسب نه سمجهي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ربي پل ٿاڻي جي ننڍي منشي ٻڌايو ته متاثره ڊاڪٽر جي فرياد تي نا معلوم چورن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي جنهن کان پوءِپوليس پنهجو جاچ شروع ڪري ڏني آھي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button
Close