قبوسعيدخان

قبوسعيدخان: چاچن کان ملڪيت مان حق وٺي ڏيو، ڀائيٽين جو ڪلام پاڪ ساڻ ڪري احتجاج ڪيو

شبير مگسي، قبوسعيدخان

قبوسعيدخان ملڪيت مان حصو نه ملڻ خلاف ڀائيٽن جو پريس ڪلب اڳيان قران پاڪ کڻي چاچن خلاف شھنواز کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي شھنواز کوسو، محمد حسن کوسو، غلام مصطفيٰ کوسو سميت ٻين چيو ته اسان جا چاچا گل حسن کوسو ۽ عاشق علي کوسو اسان جي پي جي وفات ڪرڻ کانپو۽ چاچا اسان کي پي جي ملڪيت مان حصو نه ٿا ڏين، ھنن چيو ته اسان علائقي جي معززن ۽ اعليٰ آفيسرن کي دانھن ڏيڻ باوجود چاچا اسان کي ملڪيت مان حصو ڏيڻ بدران کين موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، ھنن اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي اسان کي چاچن مان ملڪيت جو حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button