فريدآباد

فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي سڏ تي مسلسل پنجين ڏينھن به بک ھڙتال جاري

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Hunger strike to release disappered people at Faridabad Sindh
فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي سڏ تي مسلسل پنجين ڏينھن به بک ھڙتال جاري

فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي سڏ تي مسلسل پنجين ڏينھن به رياض خاصخيلي ۽ امتياز خاصخيلي سميت جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء ڪيل بک ھڙتال جاري جنهن ۾ بک ھڙتال ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن جا وارث ۽ سياسي سماجي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا
خبر موجب فريدآباد مان جبري کنڀي گم ڪيل نواجوان رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي ڀاءُ راجا مزمل خاصخيلي، عامر عمر، فياض ڪريم، صداقت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک ھڙتال ڪئي وئي بک تي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسانجا نوجوان بي گناھ آھن انھن جو ڪو ڏوھ گناھ ڪونھي کنڀي گم ڪيلن مان ڪيترائي شاگرد ۽ استادي جي پيشي سان لاڳاپيل آھن ۽ ڪيترائي نوجوان ڏھاڙي تي ڪمائي پنھنجي گھر جو گاڏو ھلائيندڙ آھن ـ اسان جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ـ سميت وس وارن اختيارين ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن انصاف جي عالمي عدالتن ۽ اقوام متحده کي اپيل ٿا ڪريون ته ھن سنڌ جي اھم مسئلي تي نوٽيس وٺي بي گناھ کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪري اسان جي بيچيني ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي اسان جا ٻچڙا اسان کي واپس ڏنا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button