فريدآباد

فريدآباد: ڪاڇي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

جڙيل چانڊيو ،فريدآباد
ڪاڇي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ھڪ ڌر جو نوجوان قتل ٻئين ڌريون پاڻ ۾ آھن سندن وچ ۾ گهريلو مسئلو ھلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. پوليس ڪاڇي جي ڳوٺ موجھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،ھڪ ڌر جو نوجوان حضور بخش پٽ حامد چانڊيو مارجي ويو ، نوجوان جو لاش 2 ڪلاڪن کان واقعي واري جاء تي پيل،ٻئين ڌريون ھڪ ئي ڳوٺ جون ھجڻ سبب ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز فائرنگ جو سلسلو جاري، پوليس واقعي واري هنڌ نه پھچي سگهي. مارجي ويل حضور بخش جي وارثن محمد وارث چانڊيو رابطو ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن علي شير، علي رضا، لشڪرخان ۽ ٻين حملو ڪري بيگناهه اسان تي فائرنگ ڪئي فائرنگ سبب حضور بخش قتل ٿي ويو جنهن جو لاش 2 ڪلاڪن کان ڳوٺ ۾ پيل آهي شاہ گودڙيو پوليس انتظاميه کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پھچي سگهي آهي انتظاميه جي نه پهچڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايس ايڇ او شاہ گودڙيو عبدالرحمان رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙيندڙ ٻئين ڌريون پاڻ ۾ آھن سندن پاڻ ۾ گهريلو مسئلو آهي جنھن تان حضور بخش کي ماريو ويو آهي، جاء واردات تي پوليس وئي آهي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو وڌيڪ معامري جي جانچ ڪئي پئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button