فريدآباد

فريدآباد: کنڀجي ويل نوجوانن جي آزادي لاءِ 7 ڏينھن به مظاھرو جاري

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
7 ڏينهن به کنڀجي ويل نوجوانن جي آزادي لاءِ سندس وارثن جو احتجاج جاري، بيگناھ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي جي گهر.
فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنس جي اڳواڻن ۽ ڪاڇي مان کنڀي گم ڪيل پنھنجن پيارن جي آزادي لاءِ کنڀجي ويل نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي وارثن راجا مزمل خاصخيلي, حاجي خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي ھنن ڳالھائيندي چيو ته اسانجا نوجوان بي گناھ آھن انھن جو ڪو ڏوھ گناھ ڪونھي ان باوجود کين کنڀي ڏيڍ مھيني کان لاپتا ڪري گم ڪيو ويو آهي جن جو ڪٿي به ڪون ڏس پتو نٿو ڏنو وڃي. ھنن چيو ته آئين ۽ قانون مطابق ڪير ڪيڏو به گنھگار ڏوھاري ڇونه ھجي پر انهن کي سزا ۽ جزا ڏيڻ جي لاءِ ملڪ جون اعلي عدالتون قائم آھن اگر کنڀي گم ڪيل اسان جي پيارن تي ڪي ڪيس وغيره داخل آھن ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪري ظاھر ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ـ سميت ٻين وس وارن اختيارين ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي عالمي عدالتن ۽ اقوام متحده کي اپيل ڪئي ته ھن سنڌ جي اھم مسئلي تي نوٽيس وٺي بي گناھ کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪرائي اسان جي بيچيني ۽ پريشاني ختم ڪري اسان جي پيارن جون زندگيون بچايون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button