فريدآباد

فريدآباد: ڌامراھ واھ ماڏو شاخ بشارت شاخ راڄ واھ ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاھرو

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

فريدآباد: پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاھرو

فريدآباد ڌامراھ واھ ماڏو شاخ بشارت شاخ راڄ واھ ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڌامراھ جي پڇڙي ۾ کاٽي نه ٿيڻ ڌامراھ واھ جي ڪپرن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ راشي آبپاشي عملدارن ايس ڊي او ايريگيشن پرويز سولنگي انجنير نعمت الله داروغي احمد علي چانڊيو خلاف ماڏو شاخ جي آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جو فريدآباد ۾ سڪندر سوڍر حاجي خان معرفاڻي حميد سومرو نياز چانڊيو برڪت چانڊيو عطا حسين چانڊيو ايوب ڏيرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک ھڙتال ڪئي وئي آبادگارن مطالبو ڪيو ته ڌامراھ واھ جي ڪپرن تان قبضا ھٽائي کاٽي ڪرائي راشي آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته ڌامراھ واھ تان قبضا مڪمل ختم ڪرايا وڃن ـ پڇڙي تائين پاڻي پھچايو وڃي راشي آبپاشي عملدارن کي ھٽايو وڃي پوکيل سارين جو ٻيجارو سڪي رھيو آهي لکين ايڪڙ زمين پاڻي نه ھجڻ ڪري غيرآباد ٿي رھي آهي پاڻي نه پھچايو ويو ته بک ھڙتال جاري رھندي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button