فريدآباد

فريدآباد: پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه مليو، 3 ڏينھن کان احتجاج جاري

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ڌامراھ واھ، راڄ واھ ۽ ان مان نڪرندڙ واھن شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ واھن شاخن جي ڪپرن ۽ ڪڙن تي قبضن ۽ بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو 3 ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري، ڪرپٽ راشي رشوت خور آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي، مطالبا منظور ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان.
خبر موجب
رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ڌامراھ واھ، راڄ واھ ۽ ان نڪرندڙ واھن شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ماڏو شاخ، سيدپور شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن برڪت چانڊيو، حاجي خان معرفاڻي، ديدار ابڙو، نياز چانڊيو، عطاحسين، محمد علي چانڊيو، پيار علي چانڊيو، برڪت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 3 ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ڌامراھ واھ، راڄ واھ ۽ ان مان نڪرندڙ ماڏو شاخ، بشارت شاخ، لال مينر شاخ، سيدپور شاخ، گهاڙي واھ، واڱڻ واھ، لنڊو واھ، سنھڙو واھ سميت ٻين واھن ۽ شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن تائين ذرعي پاڻي نه پھچي سگهيو آهي ھنن چيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض بااثرن کي لفٽ مشينن، لولھين ۽ غير قانوني واھن ذريعي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن ان سان گڏوگڏ سرڪاري واھن شاخن جي ڪڙن ڪپرن تي ناجائز قبضا ڪرائي واھ شاخون لٽرائي سوڙھا ڪري ڇڏيا آهن جن جي سالن کان کاٽي به نه ڪرائي وئي آهي. جنهن سبب اسان پڇڙي جا آبادگار ۽ اسان جو مال متاع پاڻي لاءِ تڙپي رھيا آھيون.ھنن آبپاشي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڌامراهه واھ، راڄ واھ، سيدپور شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي ڪڙن ڪپرن تي ٿيل ناجائز قبضا ھٽائي، پاڻي چوري ڪرائيندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پھچائي اسان آبادگارن کي معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button