فريدآباد

فريدآباد: پڇڙي تائين پاڻي نه پھچي سگھيو، آبادگار سراپا احتجاج بڻيل

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
Farmers protesting on 11th dayرائيس ڪئنال ڌامراھ واھ ۽ ان مان نڪرندڙ ماڏو شاخ،سيدپور شاخ،راڄ واھ، سھتو واھ، لنڊو واھ، فتن واھ، سڍر واھ ۽ ٻين واھن شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن تائين زرعي پاڻي نه پھچي سگهيو، آبادگارن ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن جو 11ھين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري، آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي، پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پھچائڻ جو مطالبو، عيد کان اڳ پاڻي نه پھچڻ جي صورت ۾ احتجاجن قرباني واري عيد نماز بک ھڙتالي ڪئمپ ۾ ادا ڪرڻ جو اعلان.
گذريل 11 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل ماڏو شاخ، راڄ واھ، سيدپور شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي نه ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن آبپاشي ڪاموري ۽ سرڪار آبادگارن جي احتجاجن جو ڪو نوٽيس ورتو آهي ان حوالي سان اڄ 11 ھين ڏينهن به آبادگار ايس يو پي، عوامي جمهوري پارٽي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي آبادگار اڳواڻ برڪت چانڊيو، آرگنائيزر آبادگار بورڊ ضلع دادو جي اڳواڻ ڊاڪٽر يار محمد لاکير، ايس يو پي ضلع دادو جي صدر سڪندر سوڍر، عبدالحميد سومرو،حاجي خان معرفاڻي عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ سينگار چانڊيو، نياز چانڊيو ؛محمد علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال جاري رکي آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئ. ان موقعي تي آبادگارن چيو ته ماڏو شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب اسان جو لکين روپين جو ٻيڃارو سڪي سڙي رهيو آهي پاڻي نه ملڻ ڪري واھن شاخن مان واري اڏامي رھي آھي پاڻي نه ملڻ ڪري اسان ۽ اسان جو مال متاع پڻ اڃ وگهي مري رھيو آھي اسين گذريل 11 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيون پر سرڪار ۽ آبپاشي ڪامورا ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھن ھنن چيو ته آبپاشي انجنيئر نعمت الله مڱريو ايس ڊي او پرويز سولنگي ۽ داروغو احمد علي چانڊيو پاڻي پھچائڻ لاءِ لکين روپيه رشوت طلبي رھيا آھن رشوت نه ڏيڻ سبب ڌامراھ واھ جا دروازا بند ڪري اسان جو زرعي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ماڏو شاخ سميت ان مان نڪرندڙ واھن ۾ واري اڏامي رھي آھي. ھنن چيف جسٽس آف سنڌ ھاء ڪورٽ احمد علي، آبپاشي جي صوبائي وزير سھيل انور سيال، آبپاشي سيڪريٽري ، چونڊيل نمائندن، ڊي سي دادو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته خدارا ماڏو شاخ سميت ٻين واھن ۽ شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن تائين زرعي پاڻي پھچايو وڃي ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button