فريدآباد

فريدآباد: ٻن سڳن ڀائرن جي آزادي لاءِ وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي ھڙتال

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Voice for missing persons
ڪاڇي جي ٻن سڳن ڀائرن رياض حسين ۽ امتياز خاصخيلي جي آزادي لاءِ بک ھڙتالي ڪيمپ جو منظر
فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي ڪاڇي جي ٻن سڳن ڀائرن رياض حسين ۽ امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لا بک ھڙتال ٻئي ڏينهن به جاري.
خبر موجب فريدآباد ڀرسان ڳوٺ الھڏنو تيوڻو مان کنڀي گم ڪيل رياض حسين خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ امتياز خاصخيلي جي وارثن حاجي خاصخيلي، راجا مزمل خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال جاري رکي وئي. کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسانجا نوجوان بنا جواز بي گناھ کنڀي گم ڪيا ويا آھن. سندن جو ڪو ڏوھ گناھ ڪونھي، جيڪڏھن جبري طور کنڀي گم ڪيلن جو ڪو ڏوهه آهي يا ھو ڏوھي آھن ته انھن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪري کين ظاھر ڪيو وڃي.ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل پڻ ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button