فريدآباد

فريدآباد: مقتول حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار ڪريو، وارثن پاران مظاھرو

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
Protest to arrest the killer of Huzoor Bux Chandioمقتول حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار ڪريو،مقتول جي وارثن ڀاء محمد وارث جي اڳواڻي ۾ فريدآباد پل تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي احتجاج، 8 ڏينهن گذرڻ باوجود شاھ گودڙيو پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، جوابدار وڌيڪ نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻيون اعلي اختياريون انصاف فراهم ڪن. وارث ڪجهه ڏينھن اڳ ڪاڇي جي ڳوٺ موجھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران گوليون ھڻي قتل ڪيل مقتول نوجوان حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول جي ڀاءُ محمد وارث، صابر حسين، عبدالله نصرالله ۽ ٻين فريدآباد پل تي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاج ڪندي دانھيو ته 8 ڏينھن اڳ ڳوٺ موجھڙ ۾ جوابدارن علي شير، علي رضا، نھال خان، علي چانڊيو ۽ ٻين اسان جي نوجوان حضور بخش چانڊيو کي بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي، شاهه گودڙيو پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاء سندس ونگار وھي رھي آھي ھنن چيو ته قاتل بااثر آهن جيڪي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڪيس جي فريادي شاهدن کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتول حضور بخش جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button