فريدآباد

فريدآباد: رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي بازيابي لا بک ھڙتال جاري

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي بازيابي لاءِ بک ھڙتال جو منظر

فريدآباد ۾ چوٿين ڏينھن به رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي بازيابي لاءِ بک ھڙتال جاري، بک ھڙتال ۾ نوجوانن جا وارثن ۽ سياسي سماجي ماڻھون شريڪ ٿيا.
خبر موجب فريدآباد ۾ چوٿين ڏينھن به بک ھڙتال جاري رھي کنڀي گم ڪيل نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي وارثن سميت سياسي سماجي ماڻھن ۽ بک ھڙتال جي ڪنوينر راجا مزمل خاصخيلي ـ عارف عمر ـ اياز ڪريم ـ ضامن حيدر ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسانجا نوجوان بي گناھ آھن ڪيترائي نوجوان ڏھاڙي تي ڪمائي پنھنجي گھر جو گاڏو ھلائيندڙ آھن ـ اسان جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ـ سميت وس وارن اختيارين ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن انصاف جي عالمي عدالتن ۽ اقوام متحده کي اپيل ٿا ڪريون ته ھن سنڌ جي اھم مسئلي تي نوٽيس وٺي بي گناھ کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪري اسان جي بيچيني ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button