فريدآباد

فريدآباد: جدوجھد رنگ لاٿو، ايس ڊي او واپڊا بجلي جي بحالي لاء بک ھڙتال ڪئمپ پھچي ويو

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Farida electricity restoration
فريدآباد: مطالبن جي مڃتا کان پوءِ ريلي ڪڍي ويئي

فريدآباد ۾ خان فيڊر جي ڳوٺن جي بجلي جي بحالي لاء جدوجھد رنگ لاٿو ايس ڊي او واپڊا ميھڙ علامتي بک ھڙتال ڪئمپ تي پھچي ڳالهيون ڪيون مطالبا منظور بک ھڙتال ختم گرڊ انچارج اعجاز بروھي بدلي ـ فريدآباد ۽ خان فيڊر جي بجلي بحال ڪرڻ وارا مطالبا منظور شھرين مطالبا منظور ٿيڻ تي ڪار اسٽاپ کان سٽي گيٽ تائين شاندار ريلي ڪڍي ۽ اڳواڻن کي گلن جا ھار پارايا خوشيء ۾ مٺائي ورھائي وئي شھرين جي 33ھين ڏينھن جدوجھد زرعي عوامي ۽ اجتماعي مطالبا منظور ڪرائي سرخرو ٿيا آھيون شھرين جا تمام گھڻا ٿورائتا آھيون جن اسانجي جدوجھد ۾ ساٿ ڏنو /ڊاڪٽر برڪت جتوئي اقرار چانڊيو مظھر سولنگي ايڊووڪيٽ مختيار کوسو ۽ ٻين جو ريلي کي خطاب
خبرموجب فريدآباد ۾ گرڊ انچارج ھٽائڻ ۽ خان فيڊر جي بجلي بحال ڪرڻ لاء شھرين جي 33ھين ڏينھن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي ته ايس ڊي او واپڊا ميھڙ قربان ٻٻر علامتي بک ھڙتال ڪئمپ تي پھچي جدوجھد ڪندڙ شھرين ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر برڪت جتوئي اقرار چانڊيو ايڊووڪيٽ مختيار کوسو عبدالنبي چانڊيو مظھر سولنگي شفيق احمد چنا مرتظي چانڊيو نثار خاصخيلي ڪي ڪي خاصخيلي ذاھد خاصخيلي سماجي اڳواڻ جڙيل چانڊيو عبدالفتاح گائينچو ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون جدوجھد رنگ لاٿو مطالبا منظور خان فيڊر جي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪرڻ ۽ فريدآباد فيڊر جي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪرڻ سميت گرڊ انچارج اعجاز بروھي کي بدلي ڪرڻ جو اعلان ۽ مطالبا منظور اڳواڻن پاران علامتي بک ھڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو مطالبا منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ مٿين اڳواڻن ڪار اسٽاپ کان دھلن ۽ شرنائين سان سٽي گيٽ تائين ريلي ڪڍي اڳواڻن کي گلن جا ھار پارائي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جدوجھد زريعي عوامي ۽ اجتماعي مطالبا منظور ڪرائي سرخرو ٿيا آھيون اسان جدوجهد ۾ ڪڏهن به مايوس ڪونه ٿيا ھياسين ـ اسان جا حوصلا بلند ھيا ۽ شھرين جا پڻ تمام گھڻا ٿورائتا آھيون جن جدوجھد ۾ اسانجو ساٿ ڏنو آخر ۾ خوشيء ۾ مٺائي ورھائي ويئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button