شڪر تي تفصيلوار ڳالھ ٻولھ

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

حصو پھريون

مھاڳ

شڪر ڪر صحيح ، تہ توئي سان توہُ ٿئي. (ھي ھڪ مشھور چوڻي آھي)
توہُ ٿيڻ: يعني مھربان ٿيڻ.
ھن پرٿوي تي ھر ھڪ آتما کي ، بلڪي ھر ھڪ شيءَ کي ڌڻي سڳوري خلق ڪيو آھي. ۽ ھر ھڪ مخلوق کي گھرجي ، تہ منجھس ويساھ رکي. پالڻھار طرفان ھر عنايت ڪيل نعمت جي بدلي ۾ ، سندس شڪريو ادا ڪري. ۽ ھر انسان کي ڌڻي سڳوري جي ساراھ واکاڻ ڪرڻ گھرجي ، ايئن ڪرڻ سان رب ڪريم مٿس راضي ٿئي ٿو. ۽ شڪريو ادا ڪرڻ جي بدلي ۾ ، ٻيون بہ کوڙ ساريون انيڪ ڪَرپائون مٿس نازل فرمائي ٿو.
(1) مطلب؛ شاڪر کي شڪر گذار ٻانھون بي انت پيارو آھي.
(2) شڪر ڪرڻ سان انسان جي تونگري، ۽ مال ۾ واڌارو اچي ٿو. شڪر ڪرڻ وارو انسان ھميشہ سوڀارو ٿئي ٿو.
(3) خوشحالي ۾ شڪر ڪرڻ ، ۽ پرک لھڻ ۾ صبر ڪرڻ گھرجي.

شڪر لفظ کي انھن لفظن ۾ بہ استعمال ڪيو ويو آھي.
جھڙوڪ: احسان ، مھرباني ، لائق ، ٿورو ، شڪرانو ، سپاس. ۽ وغيرہ وغيرہ

خلاصو؛

شڪر جي معني ھيءَ آھي ، تہ ڌڻي سڳوري جي ڏنل نعمتن کي ھميشہ ياد رکيو وڃي. ۽ انھن نعمتن جي تھ دل سان پڌارائي ڪئي وڃي.
نعمت جھڙوڪ؛ مال ، دولت ، ثروت ، ملڪيت ، پدراٿ ، َهر ، ھُوند ، ڏات ، عطا ، رحمت گُڻ ، لاڀ ، وغيرہ وغيرہ .
انسان ذات کي ھميشہ ڏنل نعمتن جي بدلي ۾ ڌڻي سڳوري جو شڪريو ادا ڪرڻ گھرجي. جيئن قران شريف ۾ رب ڪريم فرمايو آھي. شڪر ڪرڻ وارو انسان ، ڪڏھن بہ شيطان جي ڄار م نہ ڦاسدو. جس ڀريو شڪريو ادا ڪرڻ فقط زبان سان ھائوڪار ڪرڻ نہ آھي. بلڪي ھر ٻانھي کي ڌڻي سڳوري جي اطاعت ڪرڻ گھرجي.
جھڙوڪ: نماز پڙھڻ ، روزا رکڻ ، خدمت خلق ڪرڻ ، ( يعني مخلوق جي خدمت ڪرڻ آھي. ) وغيرہ وغيرہ.
ڌڻي سڳوري جي ڏنل نعمتن تي شڪر نہ ڪرڻ وارو انسان ، تہ ڪرتن ڪِني قسم جو انسان آھي. ۽ انھن انسان لاءِ حق تہ اھيو ٿو بڻجي ، تہ انھن انسانن کان نعمتون کسيون وڃن. قرآن شريف ۾ انھن انسانن جو آخرت ۾ ٺيڪاڻو دوزخ کي قرار ڏنو ويو آھي. ايئن انسان پاڻ تہ نا شڪريا ھوندا آھن ، پر پنھنجي ارد گرد جي انسانن کي به پنھنجي سٿ جو ساٿي بڻائي چڏيندا آھن. شڪريو ادا ڪرڻ جو سٺو رستو ھيءَ آھي. تہ پنھنجي ايمان کي پَختو رکو ، قيامت تي يقين رکو ، ۽ پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو ، ڇو جو اھيي ئي شيون اسانکي ڌڻي سڳوري جو پَڪو ياد گيرو ڏِيارينديون آھن.

اِھڙي طرح سان گناھن جي گھڻائي ، پنھنجي نفس جي پوئلڳي ڪرڻ ، ڌڻي سڳوري جي ڏسيل احڪامن کي وساري ڇڏڻ ، حق ، سچ جي بداران ڪوڙ ، ۽ باطل کي اوليت ڏيڻ. انھن سڀني شيئن جي ڪاري اوندائي ، انسان کان ڌڻي سڳوري جي معرفت جو سوجھرو کسي ڇڏين ٿيون. ۽ اھڙي طرح سان شيطان رجيم کي ھڪ وڏو سبب قرار ڏنو ويو آھي ، جنھن جي ڪارڻ اسان رب ڪريم جو شڪريو ادا نٿا ڪري سگھون. ھر انسان کي گھرجي ، تہ ھون انھن تمام شيئن کان بنھ پاسو ڪري. جيڪي شيون اسانکي ڌڻي سڳوري جو شڪريو ادا ڪرڻ کان ڏور ڪن. سڀن ٻانھن کي ڪپي تہ پالڻھار جو شڪريو ادا ڪن. تاڪي انھن جو شمار انھن عبدن ۾ ٿي جيڪي شڪر گذار آھن. ۽ اھي ٻانھا ھڪ با وقار منزل تي پھچندا.

شڪر جي تعريف

ڪجھ علمائن ، ليکڪن ، دانشورن ، فلاسفرن ، تاريخ جو علم رکندر انسانن شڪر جي تعريف ھن طرح سان ڪئي آھي.
لغت جي اعتبار سان شڪر جي تعريف؛ مهربان کي سڃاڻڻ ، ۽ سٺو ڪرڻ ، ۽ گڏوگڏ ٻين کي نيڪي جو ڪم ڪرڻ جي لاء حوصلا افزائي ڪئي وڃي.
اصطلاح جي اعتبار سان شڪر جي تعريف؛ ڌڻي سڳوري جي ڏنل نعمتن کي ياد ڪرڻ ، ۽ انھن جو دل ، زبان ، ۽ عمل سان اظھار ڪرڻ کي شڪر چيو ويو آھي.

اسلام ۾ شڪر جي ڇا اھميت آھي؟

اللہ تعالي جي لاريب ، بي عيب ، ۽ مقدس ڪتاب منجھ کوڙ ساريون آيتون شڪر جي متعلق موجود آھن. جيئن رب ڪريم قرآن شريف ۾ ارشاد فرمائي ٿو. توھان کي زندگي ڏني اٿو ، تاڪ توھان شڪريو ادا ڪريو. (سورہ بقرہ آيت نمبر 56)
قرآن شريف ۾ ٻئي جڳھ وري ھن طرح سان ارشاد ٿيو آھي. توھان کي اک ، ڪن ، دل ڏني سين. پر پوء بہ شڪر ڪرڻ وارا گھٽ آھن.(سورہ مومنون آيت 78)
۽ رب ڪريم جي صفتن منجھ شاڪر ۽ شُڪور بہ آھن. ۽ ڌڻي سڳوري کوڙ مرتبا انسانن کي چيو آھي. تہ شڪر ڪرڻ وارا بڻجو. ۽ جيڪي ماڻھون شڪر نٿا ڪن ، يا جيڪي انسان تمام گھٽ شڪر ڪن ٿا. انھن انسانن کا ڌڻي سڳوري ناراضگي جو اظھار پڻ ڪيو آھي. جيئن قرآن شريف ۾ آيو آھي. شڪر ڪرڻ جو فائدو اھيو آھي ، تہ توھانکي بہ فائدو پنھچدو. (سورہ لقمان آيت نمبر 12)

شڪر ڪرڻ وارو انسان ڪڏھن بہ شيطان جي ڀؤَ ۾ نہ ڦاسدو. جيئن قرآن شريف ۾ ڌڻي سڳوري فرمايو آھي. شيطان رجيم ڌڻي سڳوري کي چيو. مان سڀني کي گمراھ ڪندس، ۽ ھر طرف کان (يعني انھن جي اڳيان ، انھن جي پويان ، انھن جي ساڄي پاسي کان ، ۽ ڪاٻي پاسي کان) انسانن وٽ ايندس، پر انھن منجھ تنھنجا شڪر گذار ٻانھا نہ ھوندا. (سورہ اعراف آيت نمبر 17)
ان آيت مان صاف مراد آھي ، جيڪو انسان نا شڪريو ھوندو ، اھو ئي انسان شيطان جي ڀؤَ ۾ ايندو. جھڙي طرح سان حضرت سليمان عليہ السلام نعمتن تي شڪر ڪرڻ ۽ شڪر نہ ڪرڻ وارن انسانن لاء ھڪ امتحان ٻڌايو آھي. ۽ اھو قرآن شريف ۾ بيان ٿيو آھي. نبي سليمان چوڻ لڳو.
ھي منھنجي رب ڪريم جو ھڪ فضل آھي. تاڪي مونکان امتحان ورتو وڃي . تہ مان شڪر ڪرڻ وارو آھيان ، يا شڪر ڪرڻ وارو نہ آھيان. ۽ جيڪو انسان شڪر نٿو ڪري ، تہ ڌڻي سڳور (وڏو) غني ، ۽ ڪريم آھي. (سوره نمل آيت نمبر 40)
( جاري آھي)

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close