شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: ثقافت کاتي جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ لائيبري وڏي وقت کان رولڙي جو شڪار

وقار ڀٽي،شهدادڪوٽ
Shahdadkot libraryشهدادڪوٽ ۾ ثقافت کاتي جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ لائيبري وڏي وقت کان رولڙي جو شڪار ، ٺيڪيدار بنياد رکي غائب ، مختلف وقت تي پيل سامان به کڻائي غائب، شهرين پاران جديد لائيبريري جلد تعمير ڪرائڻ جو مطالبو، شاگردن پاران سوشل ميڊيا تي هيش ٺيگ سان تحريڪ شروع، ثقافت کاتي جي وزير کان لائيبري جو نوٽيس وٺي لائيبريري تعمير ڪرائڻ جو مطالبو، شهر جي جانورن جي اسپتال جي ڀر ۾ اڳوڻي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ انوارالحق ڪشميري پاران ثقافت کاتي جي تعاون سان جديد لائيبريري تعمير ڪرائڻ لاء ان جو بنياد رکيو جنهن جو ڪم به شروع ڪيو ويو جيڪو سندس جي بدلي بعد ئي بند ٿي ويو هوڏانهن ٺيڪيدار پاران جاري ڪم ۽ وڏي مقدار ۾ بلڊنگ مٽيريل رکيو ويو جيڪو ڪم بند بعد به ڪافي وقت پيل رهيو جيڪو ٺيڪدار پاران وقتن به وقت ڪڏهن رات جي وقت ته ڪڏهن ڏينهن جي وقت سامان کڻائي ويو، ٻئي پاسي ڪافي وقت کان رولهڙي جي شڪار لائيبريري تي شهر جي سڃاڻ ڌرين ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي ته اتئي شاگردن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، شهري سماجي اڳواڻن وهاب پندراڻي، مجاهد اعواڻ، حيات تونيو، حبدار ميرجت، محمد صديق ابڙو ۽ ٻين رولهڙي جي شڪار لائيبريري جو ڪم جلد شروع ڪرائي ان کي مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ڪم نه شروع ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ٻئي پاسي شهر جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ۽ مختلف امتحانن ۾ تياري ڪندڙ شاگردن پاران سوشل ميڊيا تي هيش ٺيگ سان تحريڪ شروع ڪئي آهي شاگرن سوشل ميڊيا تي شهدادڪوٽ نيڊ ڊجيٽل لائيبريري سان تحريڪ شروع ڪئي آهي هنن پڻ ثقافت کاتي جي وزير کان رولهڙي جي شڪار لائيبريري جي ڪم جو نوٽيس وٺي ان کي مڪمل ڪري شهر جي سڃاڻ شهرين سميت شاگرن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button