آرٽيڪل

سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن جو آخر ڪڏهن خاتمو ايندو!؟

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
Advocate Ubaidullah Chhajanاتر سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ جون ۽ جولاءِ جي شديد گرمي پنهنجي طاقت ته ڏيکاريندي آهي، جنهن جا ماڻهن جي مزاج ۽ طبيعتن تي به اثر پوندا آهن ۽ انهن ئي ڏهاڙن ۾ خاص ڪري سنڌ جي اترين ۽ قبائلي علائقن ۾ تڪرار ۽ رتوڇاڻ وارا واقعا به وڌي ويندا آهن، جيئن هن ڀيري به گرمي جي شدت دوران تڪرارن ۾ ڪيئي ڳڀرو نوجوان قتل ۽ ڪي گوليون لڳڻ ڪري معذور ٿي چڪا آهن.
سکر توڙي لاڙڪاڻي ڊويزنن جي مختلف شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ڪجهه عرصو پهرين قبائلي جهيڙن، اغوا، ڦرلٽ، قتل جي واقعن ۾ ٺاپر اچڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جتي شديد گرمي پنهنجا شعلا پئي ڏيکاري، اتي ٻيهر بدامني جي باهه پڙڪي اٿي آهي، روزانو ڪنهن نه ڪنهن علاقي مان معمولي ڳالهه کانپوءِ هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڳڀرو نوجوان قتل ڪيا ٿا وڃن، جيڪي واقعا ڏينهون ڏينهن نون رخن سان وڌي رهيا آهن. شڪارپور ضلعو جيڪو هن وقت اغوا جي وارداتن جو ڄڻ ته ڳڙهه بڻجي ويو آهي، جتي هر نئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان عورتاڻي آواز تي هرکجندڙ ماڻهو کڄي رهيا آهن، جن جي آزادي عيوض لکين رپيا ڀنگ به طلب ڪيو ٿو وڃي، مجموعي طور تي شڪارپور ضلعي مان هن وقت تائين ڪيترائي نوجوان پڻ اغوا ٿيل آهن، جن بابت ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي. هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت به ضروري ٿو سمجهان ته شڪارپور يا خيرپور ضلعي اندر اهڙا اغوا جا واقعا جيڪي اڄ جي ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، پر اهي عورتاڻي آواز تي اغوا ٿيندڙ واقعا جا واقعا ته تمام پراڻا آهن ۽ انهن واقعن پٺيان ڇا وهي واپري ٿو پر تنهن هوندي به اسان جي سماج جا ماڻهو الائي ڇو اهڙي ڄار ۾ ٿا ڦاسن حالانڪه کين اها خبر به اٿن ته اڄڪلهه رات جا رهزن جيڪي وڏي ديده دليري سان عورتاڻي آواز جو سهارو وٺي ڪارروايون ڪن ٿا ۽ اهڙا واقعا آيل رپورٽن موجب معمول بڻيل آهن، پوءِ تنهن هوندي به اسان جا نوجوان هن موذي وبا ۾ وڪوڙيل آهن، شل نه ڪا غلط ڪال لڳي وڃي، پوءِ لک لٽائڻ کانپوءِ اهڙين منزلن تائين پهچي وڃن ٿا، جتان سندن موٽڻ به مشڪل ٿيو وڃي، اهڙن واقعن کانپوءِ سڄو بار پوليس کي ئي کڻڻو ٿو پوي، حالانڪه انهن وارداتن ۾ جيڪڏهن سنجيدگي سان ڏٺو وڃي ته پوليس جو ته ڪو ڏوهه نٿو لڳي، سواءِ ان جي ته اغوا جون اهي وارداتون ڪندڙ ڇو قانون جي گرفت ۾ نٿا اچن، باقي پوليس جو ڪردار يقينن افسوس جوڳو هوندو آهي.
آئون گذريل هڪ مهيني کان ڪشمور ضلعي اندر مختلف علائقن ۾ وڌندڙ قتل جي واقعن تي نظر ٿو وجهان ته يقينن دلي افسوس ٿئي ٿو. هڪ مهينو پهرين ڪنڌڪوٽ ڀرسان تنگواڻي روڊ تي سبزوئي برداري جي ٻين ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هڪ ڌر جي جوابدارن وجهه وٺي راهه ويندڙ ٻن نوجوان ڀائرن کي گولين جو کاڄ بنائي ڇڏيو، جيڪي بروقت ئي موت جي مُنهن ۾ هليا ويا، واقعي کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ پوليس به روايتي ڪارروائي ڪندي رهي، پر ٻنهي ڌرين اندر اڄ تائين ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي. انهي کانپوءِ اهو افسوسناڪ واقعو جنهن هر ڪنڌڪوٽ واسي جي اک ان وقت آلي ڪري ڇڏي جڏهن هڪ وفادار ساٿي دوست آپڪا جو اڳوڻو مرڪزي صدر مراد علي چاچڙ جو لاش سکر مان ڪنڌڪوٽ شهر آندو ويو، جيڪا اچانڪ خبر باهه جيان ڀڙڪي اٿي ته تعليم کاتي اندر سينئر ڪلارڪ طور سالن کان خدمتون ڏيندڙ هڪ دلعزيز وفادار جو گوليون لڳل لاش مليو آهي، جيڪو نه وسرندڙ واقعو آهي، جنهن کي به معمولي ڳالهه تان سکر شهر ۾ هڪ جنازي نماز پڙهڻ دوران حملو ڪري هزارين دوستن کان اڳيان شهيد ڪيو ويو. اهڙي افسوسناڪ واقعي تي لکڻ لاءِ مون وٽ لفظن جي تمام گهڻي کوٽ آهي.
بدامني جي باهه ۾ وڪوڙيل ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ وڏو اذيتناڪ واقعو تازو ئي پيش آيو آهي، جتي پاڻي جي واري تان ڳوٺ محمد امين بنگوار ۾ هڪ ئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد خوني جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ۽ چار ماڻهو هلڻ کان ئي لاچار ٿي ويا، ٻڌايو ٿو وڃي ته سانوڻي جي فصل کي پاڻي ڏيڻ جي معاملي تان بنگوار برادري جي ڌرين ۾ منهن ماري ٿي، جيڪا خوني جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي، واقعي بعد مقتول ڌر پاران مقتولن جا لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ڪافي وقت جاري رهيو. جنهن بعد پوليس جي خاطرين تي مقتول جي وارثن احتجاج ختم ڪري روڊ کوليو، ٻئي طرف واقعي ۾ ملوث جوابدار پوليس جي روايتي سستي ۽ نااهلي جي ڪري فرار ٿي ويا، ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن جي قتل ۽ چئن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد پوليس جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گهرجي ها، اهو اڃا تائين سواليا نشان آهي، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقامي ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي ۽ واقعي بعد پوليس مختلف علائقن ۾ رڳو سائرن وڄائي هٿي خالي موٽي آئي.
يقينن ڪيتري افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ڏينهن ڏٺي جو ٽي ماڻهو قتل ٿي وڃن ٿا، علائقا رت سان ريٽا ڪيا وڃن ٿا ۽ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نٿي ڪري سگهي، مقتول ڌر جي اڃا تائين پوليس جي اهڙي ڪردار سبب هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي، ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر سنڌ پوليس ۾ سڌارو ڪڏهن ايندو ۽ ڪيئن هن ديس جا ڌڻي انهن وبائن کان بچي سک جو ساهه کڻندا، آخر هي رت جي راند ڪڏهن بند ٿيندي، هتي هڪڙو ڳالهه واضح ڪندو هلان ته مٿي ڄاڻايل بنگوار برادري جي وچ ۾ جيڪا منهن ماري ٿي، يقينن ڪنهن نه ڪنهن ڌر پاران پوليس کي به اطلاع ڪيو ويو هوندو، جيڪڏهن پوليس ايمانداري ۽ فرض شناسي سان تحريڪ ۾ اچي وڃي ها ته شايد ايتري خونريزي نه ٿئي ها ۽ نه ئي چار ماڻهو اپاهج ٿين ها. پر پوليس جي اهڙي دقيانوسي ڪردار جي ڪري اهڙو سانحو پيش آيو، هڪ پيءُ جا ٻه پٽ ابدي ننڊ سمهاريا ويا!
سال 2007ع ۾ جڏهن منهنجي والد محترم کي رستي ويندي شهيد ڪري اسان جي خاندان کان هميشه لاءِ جدا ڪيو ويو ته ان دوران پوليس ڪيس اندر جيڪا جاچ ڪئي يا شروعاتي طور جيڪي قدم کنيا انهن تي لکندي شرمساري ٿئي ٿي ته سنڌ پوليس ۾ اهڙيون ڪاريون رڍون به موجود آهن، جن کي نه امن بحال ڪرائڻ اچي ٿو ۽ نه ئي ڪيس دائر ڪرڻ ۽ ماڻهن کي انصاف ڏيڻ اچي ٿو، بحيثيت هڪ وڪيل جي اهڙي قسم جا واقعا مختلف وقتن تي منهنجي نظر مان گذرن ٿا ۽ عدالت سڳورين ۾ ٻڌڻي هيٺ اچن ٿا، تنهن هوندي به پوليس ۾ سڀ اهڙا ناهن بلڪه فرض شناس ۽ ايماندار آفيسر ۽ اهلڪار به آهن، جن جي ڪارڪردگي يقينن واکاڻ جوڳي آهي. هتي هڪڙي ٻي ڳالهه به نهايت ڏکوئيندڙ آهي ته اهڙن واقعن کانپوءِ يقينن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي پر انهن علائقن جي چونڊيل نماندن مٿان به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو به بدامني ۽ قبائلي جهيڙن کي روڪڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن، پر هتي انهن جو ان ڏس ۾ متحرڪ ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر اڪثر ڪري اهي شڪايتون به سامهون اينديون رهن ٿيون ته انهن قبائلي جهيڙن ۽ بدامني ۾ انهن وڏيرن، تر جي بااثرن ۽ چونڊيل نمائندن جو ئي هٿ هجي ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سنڌ ۾ بدامني جو خاتمو ڪرائڻ ته ممڪن ئي ڪونهي، ٻيو ته وڏيرا، ڀوتار، پير، مير ۽ چونڊيل نمائندا ايترا سچا ۽ مخلص هجن ته اهڙي قسم جي جهيڙن ۽ قبائلي تڪرارن کي روڪڻ لاءِ پاڻ ڌرين وٽ لڙي اچن، پر هو پوليس جي ڪردار کي بهتر بنائڻ ۾ سنجيده نٿا لڳن، اهو ئي سبب آهي جو پوليس اڄ تائين سڌري ناهي سگهي. جنهن ڪري قبائلي تڪرار گهٽجڻ بجاءِ وڌن ٿا ۽ اهي مختلف علائقن ۾ بدامني ۽ خونريزي جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
بهرحال، هڪ مهيني اندر ڪنڌڪٽ شهر اندر ايتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، پر هن مهل تائين ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به خاموش ٿا ڏسجن، سياسي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪن لاٽار به افسوس جوڳي آهي ۽ امن بحال ڪرائڻ ۾ سندن ڪردار مشڪوڪ ۽ سواليا نشان بڻيل آهي، ان ڪري خبر ناهي ته اڃا سنڌ جون ڪيتريون قيمتي جانيون انهن قبائلي جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ اهڙي طرح بيدردي سان ڪُسجنديون رهنديون! ان سوال جو جواب عوام چونڊيل نمائندن ۽ حڪومتي اختيارين کان طلبي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button