رتوديرو

رتودیرو: سنڌي ادبي سنگت پاران ناليواري شاعر سيد حضور شاه نعيم بخاري جي ٻن ڪتابنجي مھورتي تقريب ٿي گذري

سنڌي شڪيل احمد دايو، رتوديرو

رتوديرو ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ناليواري شاعر سيد حضور شاه نعيم بخاري جي ٻن ڪتابن ´محبت جا موتي` ۽ ´دوستي` جي مھورتي تقريب ´العباس منزل` تي ٿي گذري جنهن ۾ شاعرن اديبن سگهڙن ۽ ساڃاهوندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ناليواري شاعر مشتاق بخاري چيو ته نعيم بخاري سموري زندگي علم ادب ۽ ڏاهپ وارا انمول موتي ميڙي تخليقون سرجيندو رهيو آهي سندس ڪتاب محبت جا موتي ۽ دوستي ان جو خوبصورت مثال آهن هن چيو ته خوشيء جهڙي ڳالھ آهي ته نعيم بخاري هڪ ذميوار استاد شاعر ۽ اديب جي حيثيت سان پنهنجون علمي ادبي خدمتون جاري رکيون پيو اچي۔ سلات جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مشھور سگهڙ ارشاد علي عرضائي چيو ته شاعر ۽ سگهڙ ٻوليء جا وارث هجن ٿا کين لکڻ دوران ٻولي جي درست استعمال طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي نعيم بخاري جون علمي ادبي خدمتون ساراه جوڳيون آهن۔ صاحب ڪتاب نعيم بخاري چيو ته سنگت رتوديرو جي تنقيدي ڪلاسن اسان کي سکڻ ۽ سيکارڻ جو موقعو ڏنو اهو ئي سبب آهي جو مان ٻه ڪتاب سرجي سگهيو آهيان جن جي اڄ مهورتي تقريب آهي منهنجا هي ڪتاب ٻولي سان محبت جو اظھار آهن۔ ناليواري شاعر۔ اديب ۽ نقاد پروفيسر ملهار سنڌي چيو ته شاعر ۽ اديب سماج اندر پيغمبري وارو ڪردار ادا ڪندا آهن سندن تخليقون زندگي جي اونداهن پيچرن تي ڏيئاٽين وارو ڪم ڪنديون آهن نعيم بخاري جي پيار وارو پورهيو سڦلائتو آهي۔ ڪالم نويس ايم بي ابڙو چيو ته نعيم بخاري جي لکڻين ۾ ڌرتي سان پيار جهلڪا ڏيندي نظر اچي ٿو۔ ناليواري مزاحمتي شاعر ۽ سنگت رتوديرو جي سيڪريٽري ساقي ابڙو چيو ته شاعر محبتن ۽ عزتن جا امين بڻجي ڌرتي تي پيار محبت ۽ امن جي پرچار ڪندا آهن نعيم بخاري جا ٻئي ڪتاب پيار ۽ محبت جا پرچارڪ آهن سندس سٽ سٽ ۾ پيار جو پيغام شامل آهي۔ تقريب دوران تعليمي ماهر نشاط ٿهيم قربان ٻپڙ سرواڻ باغي بلوچ سرواڻ ساقي ابڙو مجيد سنڌي ۽ ٻين پڻ نعيم بخاري گھانگھرو سنڌي جي علمي ادبي خدمتن تي روشني وڌي۔

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button