رتوديرو

رتوديرو: گندن نالن جو پاڻي ڳوٺ محمد حسن جلباڻي ۾ ڪاھي پيو

سنڌي شڪيل دايو، رتوديرو
Villagers protesting at Ratoderoرتوديرو جي ڳوٺ محمد حسن جلباڻي ۾ گندن نالن جو پاڻي ڪاھي پيو رھواسي پريشان تفصيل موجب ڳوٺ محمدحسن جلباڻي جا آبادگار فصل لاءِ گٽرن جي گندي پاڻيءَ جي ڇوڙ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا،ميونسپل انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،فصل لاءِ پاڻي ناهي ڇا جو گندو گٽرن جو پاڻي پيا ڇڏيو ڪرپٽ ميونسپل عملدار هٽايو اسان مسڪين ماڻھن جو فصل بچايو
ان موقعي تي آبادگارن ضمير حسين جلباڻي واجد علي علي رضا عامر جلباڻي بشير ڏاهاڻي وزير جلباڻي لقمان ڀٽي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ گهانگهرا شاخ کان ايندڙ گهوٽيا پل وٽان ميونسپل انتظاميه جو اسان سان آزار آهي هڪ ئي وقت تي پاڻي ۽ واهه جي کاٽي نه ٿيڻ سبب اسانجا ٻج سڙي رهيا آهن ويتر هٿ سان گٽر جو پائپ ڀڃي گندو پاڻي ڇڏيو ويو آھي اسانجا بيٺل ٻج ساڙي رهيا آهن جنهن جو اطلاع ڏيڻ باوجود رتيديري ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونه ڪيو آهي اسانجا سوين ايڪڙن تي بيٺل ٻج ۽ فصل گٽرن جي گندي پاڻيءَ سبب سڙي رهيا آهن
ان کان اڳ به گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ڪري واهه ۾ ڇڏيو ويو آهي جنهن لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر آبپاشي کاتي يا ميونسپل جو ڪوئي عملدار لڙي نہ ايندو آهي جنهن سبب اسان سخت پريشاني جو شڪار آهيون مٿين آبادگارن وڌيڪ ٻڌايو ته اسانجو گذر سفر سالياني فصل تي آھي اهڙي صورت حال رهي تہ اسان آبادگار معاشي طور تباه ٿي وينداسين جنهن سبب سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي
ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين بلاول ڀٽو ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر آبپاشي سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو تہ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندي گٽرن جو گندو پاڻي بند ڪري اسانکي تباهي کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ رتوديرو باء پاس بند ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button