ڪبوتر جي ذريعي پيغام موڪلڻ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آھي

سرادر ظھير حسين ملوڪاڻي

خط، چٺي، ياوري پيغام (نياپو) موڪلڻ جي تاريخ بہ ڪجھ عجيب ۽ غريب رھي آھي. تاريخ جي پڙور ڪرڻ سان اسان کي اھيي گوائیون ملنديون، تہ آڳاٽي زماني ۾ ڪنھن جي طرف خط موڪلڻ ياوري ڪنھن جي طرف نياپو موڪلڻ لاء، ڪبوتر کي با قائدگي سان ترتيب ڏئي ڪنھن جي طرف نياپو موڪلڻ لاء استعمال ڪيو ويندو ھو. ۽ وري تاريخ جي پرک موجب ڪبوتر ذريعي نياپو موڪلڻ فقط گھرن يا بادشاھ سلامت جي دربار تائين محدود نہ رھيو. بلڪ آڳاٽي زماني جا انسان ھن پکي کي جنگ جي ميدان ۾ پڻ استعمال ۾ آڻيندا ھئا.

مان پنھنجي ھن ننڍڙي لکت ۾ ڪبوتر ذريعي پيغام (نياپو) موڪلڻ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آھي. جنھن کي اسان تاريخ جي ورقن جي پرک ڪرڻ سان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ڪبوتر فارسي ٻولي جو لفظ آھي. جنھن کي عربي ۾ حمام، ھندي، ۽ سنڌي، ۾ ھن پکي کي ڪبوتر سڏيو ويندو آھي. ھن پکي کي ٻين نالن سان پڻ سڏيو ويندو آھي. جھڙوڪ: طوري، قرقاز، سماروس، ۽ يمامہ. ھن پکي جي گوشت جو اثر گرم، ۽ خوشڪ آھي. اڪثر ھن جو وزن اڌ پاء ھوندو آھي. ھن جو گوشت فالج، لقوي، استرخاء، ۽ عضون جي ڏڪڻ لاء ھي نھايت مفيد آھي. ۽ رت بہ چڱو پيدا ڪري ٿو.
حوالو: سنڌي واڪپڊيا

برحال مان پنھنجي اصلي موضوع طرف اچا. تہ ٽي آڪٽومبر 1918 جو ڏينھن ھو. تقريبن ٻنپھرن جا ٽي ٿيا ھئا. جڏھن ھن پرٿوي جي پھرين عالمي جنگ ۾ جرمن، ۽ آمريڪن، فوج منھن مقابل ھئي. جنگ جي دوران اچانڪ آمريڪن فوج جي ھڪ دستي خام خيالي ۾ پنھنجي ئي ساٿين مٿان فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. انھي غلط فھمي جو سبب ھي ھو، تہ فائرنگ ڪرڻ واري دستي کي پنھنجن ساٿين جي طرفان موڪليل نياپو جيڪو انھن بذريعہ ڪبوتر موڪليو ھو، اھو فائرنگ ڪرڻ واري دستي کي مليو ئي ڪونہ ھو.

آمريڪا جي نيشنل آرڪائيوز ۾ موجود ھن واقع جي تفصيل ۾ ٻڌايو ويو. تہ ھڪ آمريڪي دستي جنھن پنھنجي ساٿين جي طرف جيڪو پيغام (نياپو) بذريعہ ڪبوتر موڪليو ھو. اھو ڪبوتر رستي ۾ جرمن فوج جي گولين جو نشانو بڻجي ويو. آمريڪن فوج جو اھو دستو جنھن تي فائرنگ ٿي رھي ھئي، انھن وٽ فقط اھو ئي ھڪ ڪبوتر ھو. تقريبن ٽي وڳي ان ڪبوتر جي پيرن ۾ ساٿي دستي لاء ھڪ پيغام ٻڌو ويو، ۽ ان ڪبوتر کي پنھنجن ساٿين جي طرف موڪليو ويو، ان پيغام ۾ لکيو ويو، تہ اسان 276/4 رستي تي موجود آھيو. ۽ توھان جو توپ اسان تي فائرنگ ڪري آھي. خدارا ان کي روڪيو.

اھيو ڪبوتر ھن آمريڪي دستي لاء اميد جي آخري ڪرن ھئي. جڏھن ڪبوتر کي اڏاريو ويو، تہ رستي ۾ ان ڪبوتر کي جرمن فوج سيني، ۽ پيرن، ۾ گوليون ھيون. ھڪ گولي ڪبوتر کي اک ۾ لڳي، تنھن جي ڪري ڪبوتر جي ھڪ اک ضايع ٿي وئي. تنھن ھوندي بہ ڪبوتر زخمي حالت ۾ بہ پيغام انفٽنري جي ٻئي دستي وٽ پھچايو. ۽ تقريبن ھڪ ڪلاڪ کان بعد ۾ (يعني چار وڳي) ھي ڪبوتر ساڳي جڳھ تي رسيو. انفٽنري جي ٻئي دستي کي جيئن پيغام (نياپو) مليو، تہ انھن پنھنجي ساٿين تي گولہ باري روڪي چڏي. آمريڪن نيشنل آرڪائیوز جي موجب اھڙي سان (چير آمي) نالي ھن ڪبوتر لڳ ڀڳ 200 سو آمريڪن فوجي جوانن جي زندگي بچائي ورتي.

انھي بھادري جي ڪارڻ ڪبوتر کي فرانسيسي حڪومت جي طرفان، ھڪ ايوارڊ "ڊيکن ميڊل” سان نوازيو ويو. ھي ڪبوتر 13 جون 1919 ۾ مري ويو. ھن ڪبوتر جي لاشي کي آمريڪن (سمٿھ سوئیم) عجائب گھر ۾ محفوظ ڪري رکيو ويو.

"ويليئم آف اورنج” جي نالي جو ھڪ مادي ڪبوتر، برطانوي ملٽري انٽليجس ايم آئي وٽ موجود ھو. ٻئي وڏي جنگ جي سڀ کان وڌيڪ خون ريزا ويڙھ Battle of arnnem ۾ ٿي. جنھن ۾ "ويلیئم اورنج” نالي ڪبوتر فقط ھڪ پيغام(نياپو) رسائي. 2000 ٻہ ھزار برطانوي فوجين جي زندگي بچائي ورتي.

‘ايڪسپلو اينيملز’ نالي ڪتاب جي مصنف ھن واقعي جو ذڪر ھن طرح سان ڪيو آھي. جڏھن جرمن فوج "ارنھم” جي محاظ تي برطانوي فوج کي گھيري ۾ وٺي ورتو. ۽ برطانوي فوج جي باقي ماندہ ريڊيو، ۽ سيٽس، ڪم ڪرڻ چڏي ڏنو، ۽ انھن وٽ فقط ھڪ ذريعو ھو، پنھنجي ساٿين جي طرف نيايو موڪلڻ جو اھو فقط ڪبوتر جو ذريعو ھو.

برطانوي ملٽري 19 سٽمبر 1944 جي صبح جو ساڍي ڏھ وڳي، ڪبوتر کي اڏاريو. ۽ ھن ڪبوتر 400 سو ڪلو ميٽر جو سفر ڪرڻ کان بعد ۾، پيغام پھچائڻ واري منزل تي پھتو. ۽ تقريبن ٽي وڳي واپس پنھنجي آخرڙي تي پھتو. اھڙي طرح سان جرمن فوج جو گھيرو ختم ٿيو. ۽ ھن ڪبوتر تقريبن ٻہ ھزار فوجي جوانن جي زندگي بچائي. جنھن تي ھن ڪبوتر کي فرانسيسي حڪومت "ڊيکن ميڊل” سان نوازيو.

نيوز لينڊ ملڪ جي ھڪ ويب سائنڊ جيڪا جنگن جي معلومات تي مبني آھي. جنھن جي مطابق پھرين جنگ عظيم ۾ لڳ ڀڳ ھڪ لک ڪبوتر پيغام رسائڻ جو ڪم ڪندا ھئا. ان ویب سائینڊ جي ٻنھي وڏين جنگن جي آڌار تي جيڪا رزلٽ پڌري ڪئي آھي. ان موجب تقريبن ٽي لک ڪبوتر پيغام رسائڻ جي لاء استعمال ٿيا ھئا. انھن ڪبوترن کي ڏنل نياپا ۹۵ فيصد درست ايڊريس تي رسندا ھئا.

اڄ ڪلھ پاڪستان ۾ ترڪ ڊرامو ‘ارطغرل’ وڏي چاہ چسبي سان ڏٺو پيو وڃي. ھن ڊرامي ۾ قديم (يعني پراڻين) تھذيبن کي اوجاگر ڪرڻ گڏو گڏ، آڳاٺي زماني ۾ پيغام رسائڻ لاء ڪبوترن جي استعمال کي پڻ ڏيکاريو ويو آھي. ڊرامي ۾ مسلمانن، عيسائن، ۽ منگلن، کي ڏيکاريو ويو آھي. جيڪ پنھنجي بادشاھن، ۽ پادرين کي بذريعہ ڪبوتر پيغام موڪليندا ھئا.

اھڙي طرح سان "گيم آف ٿرو” جي سيريز ۾ بہ ڪبوترن کي پيغام رسائیندي ڏيکاريو ويو آھي. آڳاٽي زماني ۾ جڏھن انٽرنيٽ، پوسٽل سروس، ٽيلي گرام، ۽ پيغام رسائڻ لاء ڪي ٻيا ذريعہ نہ ھئا، تہ ڪبوتر کي پيغام رسائڻ لاء استعمال ڪيو ويندو ھو.

ڪبوتر کي پالڻ ۽ ان کي بطور پيغام رسائڻ لاء استعمال ڪرڻ جو رواج ٽي ھزار سال پراڻو آھي. سوسائٽي آف آمريڪن ملٽري انجينئرز جي ھڪ تحقيقي مقالي جي مطابق، ڪبوترن کي پالڻ جو رواج رواج تاني فراعين مصر جي پنجي خاندان ۽ ان دور جي يونان سان ملندو آھي. ان مقالي جي موجب ڪبوتر کي بطور پيغام پھچائڻ جو استعمال سليمان بادشاھ 1010 مسيح کان پھريان ڪيو ھو، ۽ ان دورم پکين کي ترتيب ڏيڻ جو رواج اھل فارس کان ھتي منتقل ٿيو.

انھي کان بعد ۾ ڪبوترن کي با قائدگي سان پيغام رسائڻ جو نظام بغداد ۾ ان وقت جي سلطان 1150 ۾ قائم ڪيو. جيڪو تقريبن 1258 تائین منگلن جو بغداد تي قبضي تائین رھيو. ھڪ ٻئي تحقيقي مقالي موجب 12 صدي ۾ چنگيز خان ڪبوترن کي پھچائڻ لاء استعمال جو رواج ايشا، يورپ، ۾ عام ڪيو.

فرانسيسي انقلاب جي دوران بہ ڪبوتر ذريعي پيغام رسائڻ لاء استعمال ڪيو ويندو ھو.ڪبوترن ذريعي پيغام پھچائڻ واريون خبرون پڻ فرانس، ۽ بيلجيم جي اخبارن ۾ چپبيون ھيون. ڪبوترن کي جنگ جي دوران پيغام رسائڻ جي لاء استعمال جو رواج ايترو پراڻو آھي. جيترو انھن کي پالڻ جو رواج پراڻو آھي. ھڪ تحقيقي مقالي موجب 1249 ۾ جڏھن فرانس جي بادشاھ لوئي نھم مصر تي حملو ڪيو، تہ ان حملي جي قاھرہ ۾ موجود بادشاھ کي ھڪ ڪبوتر جي ذريعي اطلاع ڏنو ويو ھو.

ڪبوتر کي جنگ جي دوران سڀ کان پراڻو استعمال ۴۳ قبل مسيح ۾ ملي ٿو. جڏھن موتينہ شھر جي (موجود اطالوي شھر مودينہ) کي محاصري ۾ آندو ويو. تہ ان وقت جي بادشاھ ڊيسيمسن جونئس بروٽس پنھنجو نياپو موڪلڻ لاء ڪبوتر کي استعمال ڪيو ھو. ھي ڪبوتر محاصرو ڪرڻ وارن جي مٿن مٿان گذرندو ھو. ڪبوتر کي پري پري جي علائقن تائین پيغام پھچائڻ جو استعمال 1844 تائين تمام گھڻو ھو. ليڪن انھي سال ٽيلي گرام ايجاد ٿيڻ کان بعد ۾ ڪبوتر جو استعمال گھٽبو ويو. البت فوجين ۾ ھن جو استعمال ضرور جاري رھيو.

ڪبوترن جي ذريعي پيغام پھچائڻ جو رواج بارت ۾ بہ پاتو ويندو ھو. 2002 ۾ ھڪ ڪبوتر ڪویئرس سروس کي بند ڪيو ويو. دي انڊپينڊنٽ جي ھڪ رپورٽ مطابق بارت م 50 سالن کان جاري ھن سروس ۾ تقريبن 800 سو ڪبوتر ڪم ڪندا ھئا. ھڪ رپورٽ موجب بارت کي اھيي ڪبوتر ٻئي عالمي جنگ کان بعد ۾ برطانوي سرڪار ڏنا ھئا.

اڄ ڪلھ جي جديد ء ٽيڪنالوجي واري دور ۾، بہ بارتي فوج جي دماغ ۾ ڪبوترن کي بطور جاسوسي استعمال ڪرڻ جو تصور ڪيو ويندو آھي. بارت فوج ڪافي مرتبہ پاڪ پاڪستان فوج تي ڪبوترن ذريعي جاسوسي ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي. ۽ ڪجھ ڏينھن پھريان بہ بارتي فوج ھڪ ڪبوتر کي پڪڙيو ۽ پنھنجي فطري عادت جي آڌار تي دعوا ڪئي، تہ پاڪستان جي فوج ھن ڪبوتر کي جاسوسي ڪرڻ لاء اسان جي طرف موڪليو آھي.

جرمن خبر رسان ايجسي موجب. ھي ڪبوتر پاڪستان جي شھر سيالڪوٽ جي ھڪ رھائشي جو آھي. جنھن کي ڪبوتر پالڻ جو وڏو شوڪ آھي. ھي ڪبوتر اڏرڻ مھل بارت جي حدن ۾ داخل ٿيو. جنھن کي بارتي فوجين پڪڙي ويندو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close