ٺٽو

جهرڪ: 7 ٻارڙا سنڌو درياء ۾ ٻڏي فوت

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
جهرڪ ويجهو افسوسناڪ واقعو، 7 ٻارڙا سنڌو درياء ۾ ٻڏي فوت، لاش ڪڍي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل، تفصيل موجب جهرڪ ويجهو سانپا لڳ ڪچي واري علائقي سنڌو درياء ڪناري ڳوٺ دائم مري جا رهواسي 7 ٻارڙا سنڌو درياء ۾ وهنجندي اونهي پاڻي ۾ ھليا ويا، بروقت ڪوبه وارث موجود نه هجڻ تي 7 ئي ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻين ٻارڙن جي رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي ستن ئي ٻارڙن جا لاش ڪڍي جھرڪ اسپتال پھچايا، جتي ڊاڪٽرن پاران سندن موت جي تصديق ڪئي ويئي، ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 9 ورهين جو عامر ولد مير غلام محمد مري، 4 ورهين جو اعظم خان ولد داد علي مري، 6 ورهين جو رفيق ولد لشڪري مري، 7 ورهين جي ڪونج ڌيء صورت مري، 4 ورهين جي بينظير ڌيء داد علي مري، 7 سالہ بشيران ڌيء لشڪري مري ۽ 6 سالہ سلمہ ڌيء لال بخش مري شامل آھن. فوت ٿيل ستن ئي ٻارڙن جا لاش جھرڪ پوليس جهرڪ اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، اسپتال انتظاميا پاران پيٽرول جو بھانو بنائي لاش کڻڻ لاء ايمبولينس نہ ڏني جنھن بعد وارث لاش سوزڪي ذريعي ڳوٺ پھچايا، لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي تہ ڳوٺ دائم مري ۾ شادي جي تقريب منعقد ٿيل ھئي، جنھن ۾ مري برادري جا مختلف ڳوٺن کان ماڻهو آيل هئا، جن جا ٻار کيڏندي سنڌو درياء پهتا، جتي وهنجندي 7 ٻار ٻڏي ويا، ھن افسوسناڪ واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button