پڊعيدنگيلري

پڊعيدن: مين پرائمري اسڪول، مال جي واڙي ۾ تبديل

انڊس نيوز، پڊعيدن
Cattle in Primary Schoolسنڌ ۾ لاڪ ڊائون دوران تعليم دشمنن جي ادارن سان بيحرمتي جاري, پڊعيدن ۾ بااثرن جو بند اسڪول تي مبينا طور قبضو ڪري مال جي واڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ڪرونا وائرس جي خطري سبب حڪومت پاران ڪجھ مھينن کان سنڌ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آھن پڊعيدن جي گرڊ اسٽيشن ڀرسان سيال ڪالوني ۾ مين پرائمري اسڪول کي بااثرن پاران مال جي واڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي جتي اسڪول جي چو ديواري اندر بااثرن اسڪول جي وڻن ۾ چوپايو مال ٻڌي ڇڏيو ۽ ان تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو آھي سوشل ميڊيا تي اھڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوء ڪنهن ب تعليم کاتي جي ڪاموري توڙي تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا ڪوبـ نوٽيس نـ ورتو آھي ان سلسلي ۾ پڊعيدن جي سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت جي اعلا اختيارن کان گھر ڪئي آھي تـ پڊعيڊن جي ھن بوائز اسڪول تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ انھن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي تـ جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪوبـ بااثر اڃي تعليم ادارن جي بيحرمتي نـ ڪري سگهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button