شاعري
تنهائي پيار جي…!
صاحب خان ڀنڊ
آئون تنها ٿي پيو آهيان پر منهنجي تنهائي ڪنهن ڪرونا سبب ناهي
جڏهن کان هڪ طرفي پيار مونکي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي،
تڏهن کان آئون ته هجومن ۾ هوندي به ھيڪلو آهيان.
لاحاصل محبت ۾ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون جي ڪي به ايس او پيز ناهن هونديون،
۽ نويڪلائي کي صرف سماجي فاصلن تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.
ڇو ته تنهائي جو تعلق ڪڏهن ڪڏهن جسمن کان مٿي احساسن سان هوندو آهي.
اهي احساس جيڪي هجن ٿا اڌوري ۽ اڻپوري پيار جا،
ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها ته پيار ۾ جدائي ڇا هوندي آهي..!
پيار جي تنهائي به ڪنهن وبا کان گهٽ ناهي هوندي،
وصل کان اڳ جو وڇوڙو به وچڙندڙ هجي ٿو، جيڪو وجودن مان نڪري ڪتابن ۽ يادن کي به اڪيلو ٿو ڪري ڇڏي.