ٺٽو

ٺٽو: خانگي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر پاران غلط ڊليوري آپريشن سبب نوجوان عورت جي حالت خراب

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز، ٺٽو
Mother facing health issueمڪلي تي قائم خانگي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر پاران غلط ڊليوري آپريشن سبب نوجوان عورت جي حالت خراب. ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ريفر، تفصيل موجب ٺٽي شهر جي رهندڙ اياز ڪاپلو مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ھن جي نوجوان گهر واري جو هڪ هفتو اڳ مڪلي تي قائم نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي پاران ڊليوري آپريشن ڪيو ويو جنهن کان پوء عورت جو مسلسل ڇھ ڏينهن گذرڻ باوجود پيشاب بند ٿيڻ ڪري حالت انتهائي خراب ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرياڻي کيس ڪراچي ريفر ڪري ڇڏيو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان بلڪل نارمل حالت ۾ ڊليوري لاء آياسين جتي ليڊي ڊاڪٽر پئسن جي لالچ ۾ جلدبازي ۾ آپريشن ڪيو ۽ ٽي ڏينهن اسپتال ۾ داخل هئڻ دوران پيشاب نه اچڻ باوجود ليڊي ڊاڪٽر کيس موڪل ڏئي چيو ته پيشاب جو ڪو مسئلو ناهي ايئن ٿيندو آھي جنهن کان پوء هڪ هفتو گذرڻ باوجود پيشاب بند ٿي ويو ۽ سڄي بدن تي سوڄ سبب حالت تمام گهڻي خراب ٿيڻ تي ٻيهر ليڊي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽرياڻي پاران کين گهرائي ايس آئي يو ٽي ڪراچي ريفر ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رت جي کوٽ جي باوجود آپريشن ڪرڻ سبب سندس ڱڙدا ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آھن تنهنڪري ڊائلاسز ٿيندو جڏھن ته ڊائلاسز باوجود عورت جي حالت انتهائي تشويشناڪ کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو آھي. وارثن جو چوڻ آھي ته رت جي کوٽ باوجود ڊاڪٽرياڻي پاران آپريشن ڪرڻ سبب اسان جي نوجوان عورت جا گڙدا فيل ٿي ويا آھن ۽ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رهي آھي.ھن چيو تہ مذڪورہ ڊاڪٽرياڻي جي سرڪاري ڊيوٽي بہ آھي جتان لکين رپيا ھر مھيني پگھار کڻي ٿي جڏھن تہ سنڌ ھاءٍ ڪورٽ جي فيصلي موجب سرڪاري ڊاڪٽر نجي اسپتال نٿو ھلائي سگھي پر ھي لالچ ۾ اچي سڀني مريضن کي سندس خانگي اسپتال ۾ وٺي وڃي آپريشنون ڪري مريضن جي زندگين سان کيڏي رھي آھي، هنن وزير اعلي سنڌ. صوبائي وزير صحت. سيڪريٽري صحت. ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو. ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مذڪورہ نجي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر تي ايف آء آر داخل ڪري سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن آئنده ان قسم جو ڪو واقعو پيش نه اچي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button