بلاگ

سنڌ ۾ آن لائن ڪلاس ۽ شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلا

نجم الحسن سومرو، ميرپورماٿيلو
عالمي وبا ڪورونا وائرس هن سموري دنيا ۾ معاشي تباهه ڪارين انساني زندگي کي شديد متاثر ڪيو آهي اتي تعليم جي تباهي پڻ ٿي آهي اها ڪنهن الميئي کان گهٽ ناهي. هن عالمي وبا سموري دنيا جي تعليم کي متاثر ڪيو آهي اتي سنڌ جا ماڻهو به ان عالمي وبا کان تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن.انهن حالتن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪڻهي گهڻي متاثر ٿي آهي .جنهن جو اثر پڻ تعليم تي پيو آهي جنهن جي ڪري گورنمنٽ اڻ اعلانيل مدي تائين اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. جنهن جي ڪري گذريل چئين مهينن ۾ اسان جي تعليم جيڪا اڳئي اڻپوري سهوليات تي هلي رهي هئي ،اها هاڻ مڪمل ختم ٿي چڪي آهي . اتي گورنمنٽ هڪ سٺو پر مشڪل اعلان ڪيو آهي آن لائن ڪلاسز جي مدد سان تعليم ڏيڻ جو، آن لائن ڪلاسز هلائڻ لاءَ جتي انيڪ مسئلا پيدا ٿيندا اتي اهم اوزارن جي پڻ ضرورت پوندي ،جهڙوڪ اينڊارڊ فون يا ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ان سان گڏ انٽرنيٽ يا نيٽ واري سم جو هجڻ ته ضروري آهن اتي مائيڪ هيڊفون ۽ بجلي جي سهولتن کانسواءِ اهو ڪئين ممڪن آهي ته ٿر بر۽ ڏورانهن علائقن، ڳوٺن ۽ ڪچي ۾ رهندڙ شاگرد آن لائن ڪلاسز مان لاڀ حاصل ڪن ڇو ته سنڌ سونهاري جا ستر سيڪڙو شاگرد غربت جي زندگي گزارين ٿا .
اهي غريب شاگرد هن ٽيڪنالاجي دور ۾ به ٽچ موبائيل کان محروم آهن اسان وٽ بجلي جي بند ٿيڻ ۽اچڻ جو ڪو به ٽائم نه آهي ۽ ان کانسواءَ انٽرنيٽ جا مسئلا ۽ انهن جا منٿلي پيڪج ايترا مهنگا آهن جو هر ماڻهو استعمال نه ٿو ڪري سگهي . جڏهن ته اسان جا ماروئڙا پنهنجن ٻارڙن کي ڪتاب ئي مهيا نه ٿا ڪري سگهن ته اهي سڀ سهولتون ڪئين مهيا ڪندا والدين جيڪي اڳ ۾ ئي هن عالمي وبا جي ڪري فاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن اسان جا غريب ماڻهو پهرين لاڪ ڊائون سبب پنهنجو گذر به مليل امداد ذريعي ڪري رهيا آهن ته اُهي والدين ڪٿان اهي سهولتون مهيا ڪندا. ڇا سرڪار۽ اسان جي انتظاميا انهن غريب شاگردن لاءِ ڪجهه سوچيو آهي ڪوئي تحرڪ ورتو آهي ٿيئڻ ته ائين کپندوآهي هن بجيٽ ۾ هر شاگرد لاءَ آن لائن ڪلاسزتي ايندڙ خرچ به رکيو وڃي ته جئين داخلا شروع ٿئي ته هر ٻار کي اها سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي جئين اسان جو هر ٻار آن لائن ڪلاس وٺي سگهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button