آرٽيڪل

تعليمي صورتحال ۽ سرڪار جي سنجيدگي

عمران چانڊيو

عالمي وبا ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا کي مفلوج ڪري معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ، اتي تعليمي ادارن ۽ شاگردن جي ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ تمام ڏکيو آهي، پاڻ پاڪستان ، بلخصوص سنڌ جي ڳالھ ڪريون ته عالمي وبا ۾ سنڌ ۾ بري طرح ڦاٿل نظر اچي ٿي ، لڳ ڀڳ ٻن مهينن جي ڊگهي لاڪ ڊائون کان معيشت جو ڦيٿو ڦرڻ شروع ٿيو آهي ، ننڍا وڏا ڪارخانا ، صنعتون ، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ پڻ سرڪار جي ڏنل ايس او پيز تحت کلي ويا آهن ، هاڻ انهن ايس اوپيز تي عمل ٿئي پيو يا نه ؟؟؟ اهو هڪ الڳ مدو آهي، لاڪ ڊائون ۾ ننڍي ڪاروبار کان ويندي وڏين صنعتن تائين ، ٽرانسپورٽ کان ويندي ملڪ جي وزير اعظم تائين ، سڀني هانء ڦاڙي رڙيون ٿي ڪيون ته خدارا لاڪ ڊائون ختم ڪري معيشت کي مستحڪم ڪيو وڃي ،نه ته ڪورونا کان اڳ پاڻ سڀ بک مري وينداسين ، ڇا واقعي به پاڻ بک مري وڃون ها ؟؟ خير ڇڏيو انهن ڳالهين کي اچو ته پاڻ پنهنجي اصل موضوع تعليم ، تعليمي ادارن ۽ شاگردن ڏانهن موٽي اچون .
ڇا ملڪ ۾ صرف صنعت ۽ ٽرانسپورٽ ۽ معيشت جو نقصان ٿئي پيو جو تڙ تڪڙ ۾ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءڪاروبار ، ٽرانسپورٽ سميت صنعتن کي کوليو ويو ،
پاڻ جيڪڏهن ڪارخانن ، بازارن ۽ ٽرانسپورٽ جو جائزو وٺنداسين ته ڇا اتي وائرس ڦلهجڻ جو ڪوبه شڪ ، گمان ناهي ؟؟؟ وائرس ڦهلجندو ته صرف تعليمي ادارن ۾ ؟؟
دنيا ۾ اهي ئي قومون ترقي ڪن پيون جيڪي قومون تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ اڳي کان اڳريون رهيون آهن ، پاڻ وٽ صحت ۽ تعليم جو جيڪو حشر ڪيوويو آهي سو اسان ۽ توهان خوب ڄاڻون ٿا ، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ناهن ، دوائون ڪونهن ، بنيادي سهولتن کان وانجهيل اسپتالون شفا گهر بجاء ڪوس گهر بڻيل آهن ، ساڳي ئي صورتحال تعليم ادارن جي آهي ، مثلن ، اسڪولن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽن ۾ غير معياري نصاب جو رائج هجڻ ، استادن ، ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جي کوٽ ، اسان جا پرائمري ۽ هاء اسڪول ، ڀوتارن ، وڏيرن ، پيرن ۽ ميرن جون اوطاقون ۽ سندن جانورن جي واڙن ۾ تبديل آهن ، استاد صاحبان کان هٿ ٻڌي معزرت ڪندي لکان ٿو ته اڪثر اسانجا استاد ڀوتارن ، ميرن ۽ پيرن جي آشرواد سان نوڪري ڪندا ، انهن استاد صاحبان کي سنڌي اخبار به مشڪل سان پڙهڻ ۾ ايندي آهي ، تنهنڪري اهي استاد صاحبان ، اسڪولن بجاء ڀوتارن ۽ پيرن جي اوطاقن تي سندن خدمت ۾ پيش پيش نظرايندا آهن ، وڏي تعداد ۾ سنڌ جا نوجوان معياري تعليم کان وانجهيل نظر اچن ٿا ، جنهن جامنفي اثر اسانکي پنهنجي سماج ۾ چڱي ريت نظراچن ٿا .
هي ته هئي ڪورونا کان پهرين جي صورتحال ، پوء سوچجي ته هاڻ تعليم جو ڇا حشر هوندو ،
سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ًًً مئي جي مٿي کي مکڻ ٿپڻ ًًً ًًً ان مئي جي مٿي کي مکڻ ٿپڻ جيان سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار به آئين لائين ڪلاسن جي نالي تي شاگرن جي مٿي تي مکڻ ٿپي پنهنجي جند آجي ڪري ڇڏي آهي ،
مون اڄ کان پهرين وارين پنهنجن لکڻين ۾ به آئن لائين ڪلاسن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هاڻ به ڪريان ٿو ، ته آئين لائين ڪلاس ڪنهن به ريت پاڻ وٽ لاڀائتا ثابت نه ٿيندا ، انجا به بنيادي سبب آهي ، ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته موجوده دئور ٽيڪنالاجي جو دئور آهي تنهن ڪري جديد صحولتن کان مستفيد ٿيڻ کان ڪنهن به ريت پاڻ کي انڪار نه ڪرڻ گهرجي ، پاڻ به جديد ٽيڪنالاجي کي نظر ۾ رکندي آئين لائين ڪلاسن طرف وينداسين پر في الحال پنهنجي اها پوزيشن ناهي ڇو ته پاڻ وٽ آئن لائين ڪلاسن لاء گهربل وسيلا ناهن ،
مان سمجهان ٿو منهنجي سوچ مطابق سرڪار سڳوري کي تعليم بابت سوچڻ گهرجي ، جيڪڏهن ڪارخانا بازارون ۽ ٽرانسپورٽ کلي سگهي ٿو ته ڇوء تعليمي ادارا ڇو نه ؟؟؟ ۔ڇا هڪ مزدور جي سوچ ، ميڊيڪل جي شاگر جي سوچ کان سگهاري هوندي ، ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مزدور پنهنجوخيال رکي سگهي ٿو ته پوء يونيورسٽي ۽ ڪاليج جا شاگرد پنهنجو خيال ڪيئن نه ٿا رکي سگهن ؟؟؟
ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا شاگرد باشعور آهن جيڪي نه صرف پنهنجو پر پنهنجي ڳوٺ ، پاڙي ۽ شهر جي ماڻهن جو به خيال رکي سگهن ٿا ، انهن کي وائرس کان بچاء جا اپاء ٻڌائي سگهن ٿا ،
سرڪار سڳوري کي هٿ ٻڌي عرض ڪجي ٿو ته خدارا سنڌ ۽ شاگردن لاء ڪجھ سوچيو ، تعليمي ماهرن ۽ استادن کي گڏ ويهاري ، تعليمي سرگرمين کي بحال ڪرڻ لاء ايس او پيز جوڙي انهن تي سختي سان عمل ڪرائي تعليمي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي ، ۽ گڏوگڏ نصاب ۾ جدت آڻيندي نصاب کي معياري بڻايو وڃي ، آئن لائين ڪلاسن تي وسيلا ڪتب آڻڻ بجاء استادن جي ٽريننگ ڪرائي کين ايس او پيز ٺاهي ڏنيو وڃن ۽ تعليمي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي ، مڃون ٿا ته پاڻ وٽ وسيلن جي کوٽ آهي پر جيڪڏهن نيت صاف هجي ته گهٽ وسيلن جي هوندي به گهڻو ڪجھ ڪري سگهجي ٿو .

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close