ھنڱورجا

ھنڱورجا: 15 ماڻھن ڪرونا کي شڪست ڏئي ڇڏي، ھڪ وڌي ڪيس ظاھر

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
Corona Virusڪرونا وائرس ۾ مبتلا بينڪ مئنيجر،ڊاڪٽر،ڊاڪٽرياڻي سميت 15 ماڻهن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي،هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ هنڱورجا ۾ ڪرونا متاثر مريضن جو تعداد وڌي 40 ٿي ويو آهي. تفصيل موجب هنڱورجا ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا يو بي ايل بينڪ مئنيجر رجب دين شيخ، پي پي جو مقامي اڳواڻ ڪاشف شيخ جي 7 گھر ڀاتين کانسواءِ صحت کاتي جي ڊاڪٽر صفي الله ميمڻ سندس جي گھرواري ليڊي ڊاڪٽر فوزيه ميمڻ ،صحت کاتي جا ملازم علي حسن سهتو، فرياد مسيح سميت 15 ماڻهن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته صحت کاتي جي هڪ ملازم جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي جنهن کانپوءِ هنڱورجا ۾ ڪرونا متاثر مريضن جو تعداد وڌي 40 ٿي ويو آهي.ٻي پاسي صحت کاتي تعلقي انچارج آفيسر ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته ڪرونا وائرس انتهائي خطرناڪ وائرس آهي جنهن کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو پوندو شهرين کي گھرجي ته اهي وڌ کان وڌ ماسڪ ،سينيٽائزر جو استعمال ڪن ۽ سماجي وٿي کي برقرار رکن ۽ غير ضروري طور تي گھرن کان ٻاهر نه نڪرن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button