هنڱورجا: ، تعلقه هيلٿ آفيسر به ڪرونا ۾ مبتلا سندس گهرواري جي ٻيهر رپورٽ به پازيٽو
عزيز ميمڻ، هنڱورجا
ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، تعلقه هيلٿ آفيسر به ڪرونا ۾ مبتلا سندس گهرواري جي ٻيهر رپورٽ به پازيٽو اچي وئي، ڪرونا متاثرين جو وڌي 39 ٿي ويو. تفصيل موجب هنڱورجا ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو هنڱورجا واسي تعلقه هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جي ڪرونا هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي گھر اندر آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪرونا ۾ مبتلا سندس جي گھر واري جي ٻيهر ڪرونا ٽيسٽ به پازيٽو اچي وئي آهي هنڱورجا ۾ ڪرونا متاثرين جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي هن ڏس ۾ انچارج تعلقه هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته ڪرونا وائرس انتهائي خطرناڪ وائرس آهي ان کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي هن ٻڌايو ته تعلقي سوڀوديرو ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهي آهي هنڱورجا ۾ 6 ڊاڪٽرن سميت 39 ڄڻا ڪرونا وائرس جو شڪار ٿيا آهن جن مان ڪجھ ماڻهن جي رپورٽ نگيٽو اچي وئي آهي هن ٻڌايو ته ڪرونا وائرس کان بچڻ لاءِ ماسڪ ۽ سينيٽائزر جو استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي وٿي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ باربار هٿ ڌوتا وڃن.