آرٽيڪل

بجيٽ ۽ ڪجھ سوال

سردار ظھيرحسين ملوڪاڻي

گذريل جمعي جي ڀلاري ڏينھن، وفاقي حڪومت پنھنجو بجيٽ عوام جي آڏو پيش ڪري چڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي طرفان ھن بجيٽ کي عوام جو دوست قرار ڏئي رھي آھي. پر ملڪ جي خالي پيل خزانن، ٽيڪس ڪليڪشن ۾ ناڪامي ۽ موجودہ حڪومت جي ناڪام پاليسن جي ڪارڻ، معشيت واري شعبي سان ڳنڍيل ھر ماڻھون جي نظر ۾ ھن بجيٽ ۾ ڪا خاص اميد نٿي لڳائي سگھجي. معشيت جي ماھرين مطابق ھي بجيٽ آئي ايم ايف، ۽ ٻين عالمي ادارن جي تعاون ۽ انھن جي شرطن موجب ھن بجيٽ کي پڌرو ڪيو ويو آھي.
ڪنھن بہ ملڪ جو بجيٽ ان جي جي ڊي پي جي مطابق بڻايو ويندو آھي. ۽ ملڪ جي آمدني (يعني اپت) ۽ اخراجات جي تناسب (يعني برابري) جو جائزو ورتو ویندو آھي. ۽ غير ضروري اخراجاتن کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. پري تازي پڌري ٿيل بجيٽ ۾ اھڙي ڪا قابل عمل تجويز پيش نہ ڪئي وئي. ھن وقت وطن عزيز لاء عالمي ادارن جا قرضا، ۽ وڪڙيل ـ سڪڙيل قرضا ھڪ وڏو خطرو آھن. خان صاحب اقتدار جون واڳون سنڀاليندي ئي پيپلز پارٽي، ۽ نواز ليگ جي دور ۾ ورتل قرضن جي تحقيقات لاء ھڪ ڪميشن ترتيب ڏني ھئي. خان صاحب پنھنجو موقف ٻڌائیندي چيو ھو، تہ پاڪستان جي معشيت جي تباھي جو ڪارڻ مالياتي ادارن کان ورتل قرضا آھن.
وزير اعظم جي انھي موقف ۽ حقيقت جو جائزو توھان جي آڏو پيش ڪيون ٿا. ڳڻپ جي مطابق پاڪستان پنھنجي قيام کان وٺي ڪري 2008 تائین. يعني 61 سالن جي ھڪ وڏي عرصي دوران 6000 بلين جو قرضو ورتو آھي. 1971 تائین ھر پاڪستاني مرد، عورت، ۽ ٻار تقريبن 500 سو روپين جا قرضدار ھئا. ۽ 2008 تائین پاڪستان قرضن جي مرض ۾ ڦاسندو ويو. آبادي ۾ واڌاري سان گڏو گڏ ھر پاڪستاني 36000 ھزار روپين جو قرضدار ٿيندو ويو. ھڪ ڊگھي ايمرجنسي ۽ آمريت کان بعد ۾، يعني 2008 ۾ پيپلز پارٽي جي جھموري حڪومت آئي. ان وقت پاڪستان جي ذمي 600 ارب روپين جو قرض ھو.
پيپلز پارٽي 2008 کان 2013 تائین اقتدار جون واڳون سنڀاليون، ۽ انھن پنجن سالن جي دوران وطن عزيز تي 36000 ارب روپين جي قرضي جو بوجھ وڌو ويو. ۽ اھڙي طرح سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پھريان، ھر پاڪستاني تي 36000 ھزار روپين جو قرضو ھو. جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنج سالن جي حڪومت کان بعد ۾ وڌي ڪري 88000 ھزار روپيا ٿي ويو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڃڻ کان بعد، نواز ليگ جو دور شروع ٿيو. پنھنجي دور کي ليگي قيادت وطن عزيز جي تاريخ جو سنھري دور قرار ڏنو. ليڪن ھن دور ۾ وڌيڪ 14000 ارب روپين جو قرض ورتو ويو. ۽ پاڪستان جي عوام تي قرض جو بوجھ 16000 ارب کان 30 اربن تائین وڌي ويو. ۽ اھڙي طرح سان ھن پنجن سالن جي دوران ھر پاڪستاني جي ذمي 88 ھزار جي بجائي ھڪ لک 44 ھزار جو قرض وڌي ويو.
مسلم ليگ پنھنجا پنج سال پورا ڪيان. ۽ ان کان بعد ۾ تبديلي سرڪار جي دور جي شروعات ٿي. آئی ایم ایف وٽ وڃڻ کي خودڪشي جي مترادف قرار ڏيڻ واري تحريڪ انصاف جي سرڪار. ملڪ جون واڳون سنڀاليندي ئي عالمي مالياتي ادارن جو دروازو کٽڪايو. فقط اھيو ئي ايشيائي ترقياتي بينڪ، ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن کان قرضا ورتا ويا. جڏھن انھن قرضن سان بہ ملڪ جي معشيت کي سنڀاليو نہ ويو، تہ مقامي بينڪن کان بہ قرضا حاصل ڪيان ويا. ھن وقت تحريڪ انصاف جي فقط ٻاويھين مھينن جي دوران، يعني 2018 کان 2020 تائین ھڪ مختصر عرصي ۾ قرضي جو حجم 30 ھزار اربن کان 43 ھزار اربن تائین پھتو آھي.
۽ ھن وقت ھر پاڪستاني تي قرضي جي مقدار ھڪ لک 44 ھزار کان وڌي ڪري، ھڪ لک 95 ھزار جو قرضدار ٿي چڪو آھي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪجھ عرصي م 43 ھزار تہ عام قرضا آھن. جڏھن تہ انھن ٻاويھين مھينن ۾ وڪڙيل سڪڙيل قرضا 20 ھزار ارب تائین پھچي چڪا آھن.
اقتدار ۾ اچڻ کان اڳم خان صاحب تہ ڏھن سالن ۾ قرضن جو حجم 6 ھزار ارب کان 30 ھزار ارب رپين تي سوال ڪندو رھندو ھو. تحقيقاتي ڪميشن جوڙي رھيو ھو. گذريل حڪمرانن تي ھميشہ تنقيد ڪندو رھندو ھو. پر ھن وقت ٻاويھن مھينن جي مختصر عرصي ۾ 13 ھزار روپين جي قرض جھڙي مرض جو جواب ڪير ڏيندو؟ ھي ھزارون روپيا ڪيڏاھن وڃي رھيا آھن؟ حڪومت ھن وقت بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاء 7 ٽريلين جو قرضو ورتو. ان مھل جڏھن نئون بجيٽ اچڻ وارو ھو. ٻئي طرف پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائنزز جي خسارن ۾ بہ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي. موجودہ حڪومت جنھن وقت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ھيون. ان وقت پي سي سيز جو خسارو 1.4 ٽريلين ھو. ھاڻ ان ۾ 1.5 ٽريلين جو اضافو ٿيو آھي.
اھيو تہ مڃڻو پوندو تہ قرضا ملڪي معشيت جي لاء ھڪ قاتل زھر آھن. پر ھڪ سوال بہ آھي، تہ حڪومت قرضن جي ذريعي ملڪي نظام ڪيستروڻي ھلائي سگھندي؟ گذريل حڪومتن قرضا ورتا. ۽ ادارا بہ انھن ئي خراب ڪيان. پر تحريڪ انصاف کي حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ٻاويھن مھينا ٿيا آھن. انھن ٻاويھن مھينن دوران ملڪي تاريخ جا وڏا قرضا ورتا ويا آھن. وڪڙيل سڪڙيل قرضن ۾ تاريخي اضافو ٿيو آھي. عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌايو ويو. مختلف ذرائعن ذريعي آمدني (اپت) حاصل ڪئي وئي. ان جي با وجود بہ ڪا بھتري ڏسڻ ۾ نہ آئي. ھن وقت ھر انسان جي ذھن ۾ ھڪ سوال آھي. ايترو پيسو ڪيڏاھن ويو.
حڪومت ھن وقت تہ وڏي دليري سان بجيٽ پيش ڪري چڏيو. پر ھڪ سوال تہ وري بہ پيدا ٿي ٿو. بجيٽ خسارو، وڪڙيل سڪڙيل قرضا، ۽ عالمي مالياتي ادارن جو قرضو واپس ڏيڻ لاء ڪھڙي حڪمت عملي ٺاھي ويندي؟ حڪومت پھريان تہ ھڪ قرضو لائڻ لاء ٻيو قرض کڻندي رھي. پر ڇا ھاڻ بہ اھيا ساڳي حڪمت عملي اپنائڻي پوندي؟ ڇاڻ ھاڻ بہ ھر پاڪستاني تي قرضن جي مقدار م اضافو ٿيندو رھندو؟ اٽي، ڪنڊ، آئي پي پيز، ۽ پيٽرول جي بحران ۾ ڦاٿل موجودہ حڪومت ھن وقت ملڪي معشيت جي ٻڏنڌر ٻيڙي کي ڪيئين تاري سگھندي؟
ڇا ماضي وانگر فقط چھرا بدلي ڪري، ملڪي معشيت تي تجربا ڪيا ويندا؟ يا وري آئي سي يو ۾ پيل معشيت کي ھنگامي پاليسن ذريعي وينٽي ليٽر ۾ منتقل ڪيو ويندو؟ ھي حڪومت اقتصادي حالاتن جي خرابي جو ڪارڻ ڪرونا وائرس کي ڪوٺي رھي آھي. پر ھت ھي سوال پيدا ٿي ٿو. تہ ڪرونا وائرس جي وبا تہ ٽن مھينن کان ملڪي معشيت جي لاء خطرو بڻي آھي. پر اقتدار جي باقي اوڻھوين مھينن ۾ توھان عوام ۽ ملڪ کي ڪھڙا پٽڪا ٻڌايا ھئا.
ھن وقت واقعن سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ڳالھ آھي، تہ ملڪي معشيت کي قرضن کان آزاد ڪرڻ لاء ڪھڙا اپاء ورتا وڃن. سڀ کان پھريان تہ اسانکي قرض جي جھڙي موضي مرض کان چٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. ٽيڪس ڪليڪشن جي نظام کي بھتر ڪرڻو پوندو. عام ماڻھن بجائي ٽيڪس چورن کي انصاف ڪٽھڙي ۾ بيھاريو وڃي. ملڪي بر آمدات جي لاء ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي بڻائي وڃي. سياسي شو بازي ۽ بيان بازي جي روش کي ترڪ ڪري، عوام جي ڀلائي جي طرف ڌيان ڏنو وڃي. اگر ايئن نہ ڪيو ويو، تہ وطن عزيز عالمي مالياتي ادارن جي ھٿ ۾ ھڪ رانديڪو بڻجي ويندو. جنھن کي وطن عزيز سان چاہ ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻھون ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button