آرٽيڪل

صوفي منش شخص

راجاحيدرٿيٻو
Muhammad Soomar Theboمٿي تي ھر وقت لوئي شال جو پٽڪو پھري سائين جي سائين جي ايم سيد سان ساھ جي آخري تند تائين نڀائيندڙ علڻ خان المعروف محمد سومار ٿيٻو جو جنم خيرمحمد ٿيٻو ڀيان وليج سابقه ضلعا دادو م ٿيو ھو،سندس سڃاڻپ سياست تائين محدود نه ھئي مگر سماجي ڪمن م به اڳڀرو رھندو ھو
سياست جي ڳالھ ڪجي ته ٽوڙھي ڦاٽڪ جي اسيرن جو عدالتن م ضامن پوندڙ ھي فقير صفت شخص جيلن م بند ڪارڪنن جي سار سنڀال لھندو ھو،سائين جي ايم سيد سان عقيدت جي انتھا تائين محبت رکندڙ ھن صوفي منش کي سيد بنگلاديش ۽ افغانستان به وفد ۾ موڪليو ھو جتي سندس ملاقاتون ڪامريڊ نجيب ۽ شيخ مجيب سان ٿيون ھيون،سائين جي ايم سيد کيس گھر جو فرد سمجھندو ھو،قومي تحريڪ جا ڪارڪن کيس رئيس ڪري پڪاريندا ھيا ته عام ماڻھون کيس پيار وچان ڪاڪو ڪري چوندا ھيا اڄ به سندس قبر ڪاڪي جي نالي سان سڃاڻپ بڻيل آھي،ٻوڏ ۾ ڀيان وليج جي ختم ٿيڻ کانپو۽ مٿي جبل واري پاسي منظورآباد وسائي ۽ ھميشه اتي جو ئي ٿي ويو،گل محمد جکراڻي کان وٺي بشير قريشي تائين سندس مھمان رھيا آھن،منظورآباد توڙي علائقي جي لاءِ سندس خدمتون لڪل ناھن،پاڻي جي اسيڪمن کان وٺي اسڪولن جي قيام تائين سندس ڪوششون اڄ به شاھدي ڏين ٿيون،ان وقت ضلعو دادو ھو پپيپلزپارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏئي ضلعا ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ھو،سندس سماجي توڙي سياسي خدمتون ھڪ ڪتاب م سمائجي سگھن ٿيون،ڀٽي جي دور م کيس سنڌ سان محبت جي جرم م جيل ياترا به ڪرائي وئي،سندس وفات به ھڪ غريب شخص جي آزادي لا۽ سفر م ئي ٿي ان ھمراھ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا ته ڪاڪا ان لا۽ ڪچي جي علائقي دريا ڪناري ٻڍاپور وڃي نڪتو جتي کيس دل جو دورو پيو ھو ۽ سنڌ ۽ سيد سان عشق ڪندڙ ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو وفات ڪري ويو ايئن سمجھو ته موتي جي مالھا مان موتي ٽٽي پيو گلن جي گلدستي مان گلاب ڇڻي پيو،سندس جازي نماز عبدالواحد آريسر پڙھائي،سندس تڏي تي خبر پئي ته پاڻ يتيمن مسڪينن شاگردن جي سار سنڀال لھندو ھو جيڪي اڄ وڏن عھدن تي مقرر ٿيل آھن اھي شاگرد دانھون ڪري جنازي کي چنبڙي پيا ھئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button