ھنڱورجا

هنڱورجا: بئنڪ مئنيجر ڪورونا ۾ مبتلا، گھر ڀاتي به متاثر

عزيز ميمڻ،هنڱورجا

هنڱورجا جي دايا شيخ محلا ۾ بئنڪ مئنيجر کي ڪرونا جي تصديق ٿيڻ بعد سندس گھر ڀاتي به ڪرونا جي مرض ۾ مبتلا، گهر جي اندر آئسوليٽ. تفصيل موجب هنڱورجا جي دايا شيخ محلا جي رهواسي بئنڪ مئنيجر رجب الدين شيخ جي ڪجھ ڏينهن اڳ ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد سندس گھر ڀاتين ۽ پاڙي وارن جي ٽيسٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ بئنڪ مئنيجر جي 6 گھر ڀاتين ۽ هڪ ملازم جي ڪرونا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي هن ڏس ۾ ٽي ايڇ او سوڀوديرو ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ٻڌايو ته بئنڪ مئنيجر ۽ سندس گھر ڀاتين جي ڪرونا تصديق ٿيڻ بعد کين کي گھر جي اندر ئي آئسو ليٽ ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي ان ڪري شهرين کي گهرجي اهي ماسڪ،سينيٽائزر جو استعمال ڪن ۽ سماجي وٿي سميت سمورن احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن ان سان ئي ڪرونا وائرس کان بچي سگھجي ٿو هن ٻڌايو تعلقي سوڀوديرو جي مختلف شهرن جا 350 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا آهن جن جو رزلٽ جلد اچي ويندو.هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي گھرن تائين محدود رهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button