پير جو ڳوٺ

پيرجوڳوٺ: صحافي مٿان نامعلوم هٿياربندن جو چاقن ۽ لٺين سان حملو

عزيزالله ناريجو، پيرجوڳوٺ
پيرجوڳوٺ جي صحافي مٿان نامعلوم هٿياربندن جو چاقن ۽ لٺين سان حملو ۔ صحافي سعيداحمد سخت زخمي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي اطلاع پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل پيرجوڳوٺ صحافين جي گڏجاڻي حملي آور گرفتارڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو۔ تفصيل موجب ۔ پيرجوڳوٺ جي نجي چينل جي رپورٽر سعيد احمد مٿان منجهند جو نامعلوم هٿياربندن جو حملو صحافي سخت زخمي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي اطلاع سعيداحمد کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو ۔ زخمي صحافي ٻڌايو ته مان پنهنجي دڪان تي ويٺو هوس ته اوچتو موٽر سائيڪل تي ٽي ڄڻا نقاب پوش آيا ۽ منهنجي تي چڙھي مونکي هڪلون ڏئي لٺين سان حملو ڪري ڏنو ۽ هڪ کي خنجر هيو جنهن مون مٿان حملو ڪري ڏنو ۔ رڙين تي موٽر سائيڪل تي چڙھي فرار ٿي ويا ۔ جنهن جو اطلاع پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي ڏنو آھي۔ پوليس علاج ۽ سرٽفيڪيٽ لاء پيرجوڳوٺ اسپتال ڏانهن هڪ ليٽر ٺاھي ڏنو آھي۔ ٻي طرف پيرجوڳوٺ جي صحافين جو هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو ۔ جنهن ۾ آء جي سنڌ ۔ ڊي آء جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان سعيد احمد مٿان حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري صحافي سعيد کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏي۔

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button