ھنڱورجا: سنڌ حڪومت جو وفاق سان گڏجي ڪم نه ڪرڻ سبب ماڻھن جو جانيون خطري ۾ آھن، زين شاھ
عزيز ميمڻ، هنڱورجا
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو آهي ته ڪرونا وائرس انتهائي خطرناڪ وائرس آهي . سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ وفاق سان گڏجي ڪم نه ڪرڻ جي ڪري ڪرونا جي علاج جي ناقص انتظامن سبب سنڌ جي ماڻهن جون حياتيون خطري هيٺ آهن ان لاءِ وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ئي بچي سگھجي ٿو باقي حڪمرانن جي ناقص انتظامن جي ڪري ڪرونا وڌيڪ پکڙجي رهي آهي هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ سائين جي ايم سيد جي پوٽي ڊاڪٽر سيد ضياء شاھ ۽ پروفيسر انعام ڀٽي ،منظور حسين جهانگر ۽ ٻين سان گڏ سنڌ جي ناليواري محقق ،اديب عطا محمد ڀنڀرو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد عطا محمد ڀنڀرو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ چيو ته عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو محب وطن مدبر هيو، هو جنون جي حد تائين سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو سندس جي جدوجهد ۽ سندس جي شهيد فرزند راجا ڏاهر جي ڏنل قرباني تي سنڌ کين هميشه ياد رکندي هن جي وڇوڙي سان ادب جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهبو.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي بجيٽ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ به انگن اکرن جي راند آهي جنهن ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ملندو .بجيٽ ۾ تعليم ،صحت، زراعت سميت عوامي ڀلائي لاءِ اربين روپيه رکيا وڃن ٿا پر اهي ڏوڪڙ تعليم ،صحت،زراعت سميت ٻين عوامي ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ٿيڻ بدران ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ماڪڙ سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪري چُڪي آهي ماڪڙ جي نقصانن کان سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ بجاءِ وزارتي سطح تي بجيٽ رکي ڪاغذن ۾ ئي اسپري وغيره ڏيکاري روايتي ڪرپشن ڪرڻ سبب ڏينهون معاشي تباهي ايندي پئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ڌارين جي سنڌ ۾ آبادڪاري جي ڪري هڪ ته سنڌ مٿان وڏو بوج ٿئي ٿو ٻيو ڌاريا دهشتگردي جو سبب بڻجن ٿا جنهن ڪري ڌارين کي فوري طور تي پنهنجن علائقن ڏانهن موڪلڻ جا انتظامات ڪيا وڃن ڇو ته ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري سنڌ گھڻو ڀوڳيو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪري کين کي نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن جيڪو سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو آهي ان ڪري سنڌ اسيمبلي کي گھرجي ته قانون سازي ڪري ڌارين کي صرف ڪمائڻ لاءِ سنڌ اچڻ جي اجازت هجي باقي انهن کي نوڪريون، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلائون ڏيڻ تي بندش وڌي وڃي.جڏهن ته ٻي پاسي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ سائين جي ايم سيد جي پوٽي ڊاڪٽر سيد ضياء شاھ ، پروفيسر انعام ڀٽي ،منظور حسين جهانگر ۽ ٻين سان گڏجي رسول آباد ۾ ايس يو پي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ عذره ميمڻ سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي.