ڪوٽڙي
		
	
	
ڪوٽڙي: ڳوٺ مراد علي سمون ۾ پاڻي جي کوٽ، ڳوٺاڻن جو احتجاج
انڊس نيوز، ڪوٽڙي

علائقي واسين دانهيندي چيو ته اسانجي ڳوٺ  جو پاڻي ڪجھ مھينن کان ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ  جي ڪرپٽ عملدارن ٽينڪر مافيه سان ملي بند ڪري ڇڏيو  جنهن ڪري پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي ، ٻئي پاسي  مليل ڄاڻ موجب پوپٽ خاصخيلي واٽر ٽينڪ گزريل 20 سالن غير فعال هئڻ سبب ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن پوپٽ ڳوٺ ، مسڪين چانڊيو ڳوٺ ، عيسى دل ، ٻٻر اسٽاپ ، چوهاڻ چونڪ ، بلوچ ڪالوني ، ابڙا چونڪ ۽ جهتيال  فارم سميت 20 کان وڌيڪ علائقن ۽ پاڙن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي .
 
				