ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ڳورهاري ناري ويم دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت

انڊس نيوز، ڪوٽڙي
ڄامشوري جي اسپتال ۾ ڳورهاري ناري ويم دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن لمس آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو. ڳوٺ موٽيو خان برفت جي رهواسڻ 25 سالن جي فوزيه جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس لمس آندو ويو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي. وارثن ڊاڪٽرياڻين تي غفلت جو الزام لڳائيندي ناري جو لاش لمس آڏو رکي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران اسپتال انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي. فوتڻ جي وارثن الزام هنيو ته ناري تڙپندي رهي پر ڊاڪٽرياڻين سندس ويم ڪرائڻ بدران موبائل فون هلائينديون رهيون، جيڪو ظلم آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button