ڪوٽڙي

ڪوٽڙي:جوابدر مبينا طور حملو ڪري نوجوان ناري جي ٻانهن جي نس وڍي ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
جوابدر مبينا طور حملو ڪري نوجوان ناري جي ٻانهن جي نس وڍي ڇڏي. تفصيل موجب ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جي علائقي خانزاده ڪالوني جي رهواسڻ گلشاد چانڊيو الزام مڙهيو آهي ته هوء گهر ۾ اڪيلي هئي ته نوجوان غفار بروهي سندس گهر ۾ گهڙي آيو ۽ هن حملو ڪري سندس ٻانهن جي نس وڍي ڇڏي آهي ٻئي پاسي ناري کي زخمي حالت ۾ بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سائيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو شڪي آهي جاچ ڪري اصل حقيقتن تائين پهچنداسين.آخري اطلائن موجب واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button