ڄامشورو

ڪرونا : ادارا کلڻ، پبلڪ جي آمد رفت ۽ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ڪري جو ڪيس وڌي رھيا آھن، ينگ ڊاڪٽرز

انڊس نيوز، ڄامشورو
Dr Sajan Halepoto File Photoينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن، مرڪزي وائيس چيئرمين پاڪستان ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ضمير تنيو سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار زئونر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاهه يونٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر مجيب سهتو لمس ڄامشورو يونٽ جو چيئرمين ڊاڪٽر ضمير لغاري، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو يونٽ جو صدر ڊاڪٽر احسان الله ملڪ، لمس ڄامشورو يونٽ جي صدر ڊاڪٽر ڀڳوان داس جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي، جناح اسپتال ڪراچي يونٽ جو صدر ڊاڪٽر نعيم الله، اين آءِ سي ايڇ يونٽ ڪراچي جو صدر اشفاق سڌو، اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي يونٽ جو صدر ڊاڪٽر گلزار ٻرڙو، گمبٽ انسٽيٽوٽ جو صدر ڊاڪٽر حسين بخش پلهه ضلعي حيدرآباد جو صدر عبدالحفيظ ٿيٻو؛ عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ جي صدر سيف الله ۽ ٻين پاران گڏيل پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران ادارا کلڻ جي ڪري پبلڪ جي آمد رفت گهڻي هجڻ ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽن ۾ وڏي رش هجڻ ڪري حڪومت طرفان ڄاڻايل ايس او پيز تي عوام پاران عمل درآمد نه ٿيڻ ۽ لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان ڏينهون ڏينهن ڪرونا جي ڪيس وڌي رهيا آهن ۽ موتن ۾ تيزي اچي رهي آهي. ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن پاڪستان جي اڳواڻن پاران ڳالهه تي تفيصلي جائزو ورتو ويو پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن جي موت ۾ ڏيهون ڏينهن تيزي ٿي رهي آهي ۽ ڊاڪٽرن جي فيمليز ۾ تاءٌ پکڙيل آهي، گڏيل بيان ۾ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن پاڪستان جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو چيو آهي ته جهڙي طرح سنڌ حڪومت صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ميڊڪل عملي جي لاءِ خصوصي معاوضي جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي آل سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيز ۽ انسٽيٽوٽ ۽ ڪاليجز جي سربراهن لمس ڄامشورو، چانڊڪا لاڙڪاڻو، پمپس نوابشاهه، جي وائيس چانسلرن کي گذارش ڪئي ته جهڙي طرح سنڌ حڪومت پاران ڪرونا جي جنگ ۾ فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ ميڊيڪل عملي جو هيلٿ رسڪ الائوس منظور ڪيو ويو آهي اهو ميڊيڪل يونيورسٽيز سان گڏ هلندڙ اسپتالن ۾ به ڏنو وڃي ۽ پوري پاڪستان ۾ ڊاڪٽرز ۽ ميڊيڪل عملي کي حفاظتي سامان مهيا ڪيو وڃي، لاڪ ڊائون جي نرمي سبب ڪيس ايترا وڌي ويندا جو اسپتالن ۾ مريض رکڻ جي جاءِ نه هوندي ۽ حڪومت طرفان ڄاڻايل ايس او پيز تي عوام پاران عمل درآمد نه ٿيڻ خطري جي ڳالهه آھي ان سان ڪورونا جا ڪيسس اڃا وڌي سگهن ٿا۔ هنن وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ايس او پي تي عمل ڪرايو وڃي،لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ بدران وڌيڪ سخت ڪيو وڃي۔ هنن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران هيلٿ رسڪ الائونس ميڊيڪل يونيوسٽيز سميت خودمختيار ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ڊاڪٽرز ۽ عملي کي ڏنو وڃي۔ هنن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اليڪٽيو سرجريز ۽ او پي ڊيز کي عارضي طور بند ڪيو وڃي اسپتالن اندر صرف ايمرجنسي کولي وڃي۔ ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هيلٿ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن سميت ڪانٽريڪٽ عملي کي هن ڏکي وقت ۾ پڪو وڃي ان کان علاوہ ڪرونا وبا سبب فوت ٿيندڙن ڊاڪٽرن، صحافين ۽ سڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد قرار ڏنو وڃي ۽ سندن خاندان کي مراعتون ڏنيون وڃن. ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي مڪمل حفاظتي سامان ڏنو وڃي جئين هو پنهنجا فرض بهتر انداز ۾ ادا ڪري سگهن ۔ هنن وائيس چانسلر لمس پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام ديوجاني کان مطالبو ڪيو ته ڪافي عرصي رهيل سيلڪشن بورڊ ڪرائي فيڪلٽي ۽ آفيسرن جا جائز پروموشن جلد کان جلد ڪيا وڃن. ھنن وڌيڪ چيو ته گرانڊ هيلٿ الائينس سنڌ طرفان اڄوڪي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ جائز مطالبن جي حمايت ڪريون ٿا۔ لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۾ ميڊيڪل سپريڊنٽ پاران سينئر ڊاڪٽرن سان ناروا سلوڪ ۽ حفاظتي سامان مهيا نه ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا۔ خيرپور ۾ سيول سرجن ڊاڪٽر شفقت شيخ جو ڪرونا سبب موت تي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندس پوئرن سان ڏک ۾ برابر شريڪ آهيون۔ فرنٽ لائن تي ڪم ڪندڙ ميڊيڪل عملي لاء فڪر جو لمحو آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button