ڄامشورو: ڌارين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ خلاف بک ھڙتال ڪئمپ قائم
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۽ انهن کي سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون ڏيڻ واري واري ڪُڌي عمل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي ڄامشورو ۽ ٽائون ڄامشورو پاران سائين جي ايم سيد چوڪ وٽ بک هڙتال ڪئمپ لڳائي وئي، ان موقعي تي بک هڙتال ڪئمپ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي ڄامشورو ۽ ٽائون ڄامشورو جي اڳواڻن صيفل بڙدي،آصف ڀلائي، قادر بخش ڀلائي محمد قمبراڻي ۽ شھر جي سماجي اڳواڻن ساگر عالماڻي، ڊاڪٽر سرمد سھارڻ، ديدار ڀلائي، شيخ عبدالله ڪوهستاني، دوڪاندار آڳواڻ ظھير ڪاندڙو، صحافي عرفان برفت، حاڪم چانڊيو، علي مراد چانڍيو سوڌو سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۽ بک ۾ شريڪ ماڻهو اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي سنڌ مان ٺهيل ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪرڻ ۽ سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون حاصل ڪندڙن جون نوڪريون خرم ڪرڻ ئ انهن جي جاءِ تي قابل سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازشن تحت ڌارين کي جعلي ڊوميسائل، پي آر سي ٺاھي ڏيڻ وارو عمل کي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ جي ڪوشش آهي. ھنن چيو تـ سنڌ جي نوجوانن پاڻ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃرايو آھي، پر سنڌ ۾ نوڪرين ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري اتي ڌاريا جعلي ڪاغذن رکندڙ ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، ھنن مطالبو ڪيو آهي تـ اھڙيون سازشون ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري جعلي ڊوميسائل رد ڪيا وڃن ئ سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون حاصل ڪندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏئي مقامي اهل سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت م احتجاج جو دائرو ايوانن تائين وڌايو ويندو.